وزيراعظم محمد شهباز شريف سان گڏيل قومن جي ريزيڊنٽ ڪوآرڊينيٽر/ هيومنٽيرين ڪوآرڊينيٽر جوليئن هارنيئس جي ملاقات


APP37-041122 ISLAMABAD: November 04 – President Coordinator/ Humanitarian Coordinator of the United Nation in Pakistan Mr Julien Harneis calls on Prime Minister Muhammad Shehbaz Sharif. APP/ABB

اسلام آباد – 04 – نومبر (اي پي پي( وزيراعظم محمد شهباز شريف سان گڏيل قومن جي ريزيڊنٽ ڪوآرڊينيٽر/ هيومنٽيرين ڪوآرڊينيٽر جوليئن هارنيئس ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف جوليئن هارنيئس کي موسمياتي تبديلي جي ڪري ملڪ ۾ آيل تاريخ جي بدترين ٻوڏ ۽ ان جي ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ ماڻهن جي زندگين تي پوندڙ مستقل اثرن کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم حڪومت جي ريسڪيو ۽ ريليف جي ڪاررواين ۽ ٻوڏ متاثرين جي بحالي لاءِ قدمن تي پڻ روشني وڌي. وزيراعظم جوليئن هارنيئس کي ٻڌايو ته پاڪستان جيڪو اڳ ۾ ئي معاشي مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيو آهي، ٻوڏ جي ڪري 40 ارب ڊالر کان وڌيڪ جي نقصان کي منهن ڏئي رهيو آهي. وزيراعظم گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس جا پڻ ٿورا مڃيا جيڪو نه رڳو ٻوڏ متاثر علائقن جي دوري تي پاڪستان آيو پر مصيبت ۾ گهيريل پاڪستانين جي سڄي دنيا ۾ آواز بڻجي ويو. جوليئن هارنيئس پاڪستاني ٻوڏ متاثرين سان همدردي جو اظهار ڪندي انهن جي بحالي لاءِ گڏيل قومن پاران مڪمل حمايت کي ورجايو ۽ حڪومت جي متاثرين جي لاءِ وقت سر ريسڪيو، امداد ۽ بحالي جي قدمن کي مثالي قرار ڏنو.

مضمون کا ماخذ : apostas quina

متعلقہ مضامین