اسلام آباد – 19 سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته پريس ڪائونسل آف پ??ڪستان جي آرڊيننس بابت فيڪٽ فائنڊنگ ڪميٽي جي رپورٽ ملي وئي آهي، ان تي وڌيڪ جاچ ٿيندي، وزارت جي آفيسر ناصر جمال ڄاڻي ٻجهي حقيقتون لڪ??يون، کيس عهدي تان هٽايو ويو آهي، کيس جواب ڏيڻو پوندو ته هو ائين ڇو ڪري رهيو هو. پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ ۾ پي آءِ او محمد سليم سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته پريس ڪائونسل آف پ??ڪستان آرڊيننس جي مع??ملي بابت سينيئر آفيسر شفقت جليل جي سربراهي ۾ قائم فيڪٽ فائنڊنگ ڪميٽي جي رپورٽ ا??ي وئي آهي، ان مع??ملي تي ڪجهه ميڊيا جي حصي حقيقت کان ابتڙ رپورٽنگ ڪئي. هن چيو ته قانون ٺاهڻ حڪومت ۽ پارليامينٽ جو حق آهي، اهو تاثر ڏنو ويو ته حڪومت ۽ لاڳاپيل وزير ڊڄي وئي آهي ۽ ان لاءِ مسودو واپس ورتو ويو آهي.
پريس ڪائونسل آف پاڪستان جي آرڊيننس بابت رپورٽ ملي وئي آهي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : خیبر پختونخوا لاٹری