اسلام آباد – پهرين مئي (اي پي پي) ص??ر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته هلندڙ سال ا??ان مزدورن جو عالمي ڏهاڙو ان عزم ??ان ملهائي رهيا آهيون ته ا??ان مزدورن جي وقار جي لاءِ پرعزم رهنداسين ۽ پنهنجي بنيادي حقن جي لاءِ مزدورن جي تاريخي ۽ بهادراڻي جدوجهد کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا. هن اهڙن خيالن جو اظهار مزدورن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو جيڪو اڄ ملهايو پيو وڃي، صدر چيو ته اهو ڏينهن نه رڳو مزدورن جي جدوجهد جي ياد ڏياري ٿ?? پر قومي ترقي ۽ خوشحالي ۾ انهن جي اهميت جو به اعتراف آهي، هن چيو ته ا??ان کي يقين آهي ته پيداواري عمل ۾ مالڪ ۽ مزدور حصيدار آهن ۽ انهن جو تعاون صنعت جي صلاحيت ۽ ملڪ جي س??اجي ۽ معاشي ترقي لاءِ نهايت ضروري آهي.
مضمون کا ماخذ : میگا سینا آن لائن