پاڪستان ۽ چين جا گڏيل لاڳاپا هر دور ۾ انتهائي قابل اعتبار ۽ مثالي رهيا آهن: وزيراعظم محمد شهباز شريف


APP01-021222 ISLAMABAD: December 02 - Prime Minister Muhammad Shehbaz Sharif chairing meeting with a delegation of China Construction Third Engineering Bureau. APP/MOS

اسلام آباد – 02 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ چين جا گڏيل لاڳاپا هر دور ۾ انتهائي قابل اعتبار ۽ مثالي رهيا آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم اهڙن خيالن جو اظهار چائنا ڪنسٽرڪشن ٿرڊ انجنيئرنگ بيورو جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وفد جي سربراهي ڪميٽي جو وائيس چيئرمين تان گوفو ڪري رهيو هو. ملاقات ۾ وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ چين جا گڏيل لاڳاپا هر دور ۾ انتهائي قابل اعتبار ۽ مثالي رهيا آهن. وزيراعظم چائنا ڪنسٽرڪشن ٿرڊ انجنيئرنگ بيورو جي وفد جي آجيان ڪئي ۽ پنهنجي گذريل چين جي دوري دوران ڪمپني جي صدر سان ٿيندڙ ملاقات جو ذڪر ڪيو. وزيراعظم ڪمپني جي وائيس چيئرمين تان گوفو پاران پاڪستان ۾ انفراسٽرڪچر ۽ توانائي جي منصوبن ۾ وڌيڪ سيڙپڪاري جي عزم کي ساراهيو. وزيراعظم چائنا ڪنسٽرڪشن ٿرڊ انجنيئرنگ بيورو کي پاڪستان ۾ قابل تجديد خاص طور تي شمسي توانائي جي منصوبن ۾ ڀرپور سيڙپڪاري جي دعوت ڏني. وزيراعظم ٻوڏ سٽيلن جي مدد جي لاءِ مختلف شيون عطيو ڪرڻ تي ڪمپني جا ٿورا مڃيا. ملاقات ۾ وزيراعظم جا خاص معاونين طارق فاطمي، ظفرالدين محمود ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا.

مضمون کا ماخذ : sorteos da loteria

متعلقہ مضامین