اسلام آباد – 19 ڊسمبر (اي پي پي) و??ير??عظم محمد نواز شريف چيو آهي ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه ۽ ان سان لاڳاپيل پراجيڪٽس ٻنهي ملڪن جي عوامي لاڳاپن جا عڪاس آهن. هن اها ڳالهه چين جي ڪميونسٽ پارٽي جي مرڪزي ڪميٽي جي انٽرنيشنل ڊپارٽمينٽ جي نائب ??زي?? زينگ زي??ئو سونگ سان ڳالهائيندي چئي جنهن و??ير??عظم هائوس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. و??ير??عظم چيو ته ان منصوبي حقيقت ۾ ٻنهي ملڪن جي دوستاڻن لاڳاپن کي ٺوس معاشي حصيداري ۾ تبديل ڪيو آهي. و??ير??عظم کيس ٻڌايو ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه تحت مختلف منصوبن تي ڪم ڪندڙ چيني ڀائرن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ 15 هزار اهلڪارن تي ٻڌل ملٽري ۽ سويلين آرمڊ فورسز جي هڪ خصوصي سيڪيورٽي ڊويزن جوڙي وئي آهي.
مضمون کا ماخذ : sorteos dupla sena