اسلام آباد – 06 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو 42 هون اجلاس اسلام آباد ۾ ٿيو. اجلا?? ۾ ??نڌ حڪومت پاران آئل اينڊ گئس ريگيوليٽري آرڊيننس 2002ع ۾ تجويز ڪيل ترميم جو جائزو ورتو ويو. گڏيل مفاد واري ڪائونسل پيٽروليم وار?? وزارت کي ذميواري ڏني ته صوبن کي ريگيوليٽري باڊي جي حوالي سان پنهنجي راءِ ڏيڻ جي لاءِ موزون مڪينزم جي امڪان جو جائزو ورتو وڃي. اجلاس ۾ پنجاب حڪومت پاران چشما رائٽ بئنڪ ڪينال جي هيٺئين حصي جو ڪنٽرول پاڻي وسيلن وار?? وزارت کان پنجاب حڪومت جي حوالي ڪرڻ جي درخواست جو جائزو ورتو. گڏيل مفادن واري ڪائونسل تجويز سان اتفاق ڪندي ان حوالي سان ارسا، پنجاب حڪومت ۽ خيبرپختونخواهه جي نمائندن تي ٻڌل ڪميٽي جوڙي جيڪا ان ڏ?? ۾ ??ريقيڪار ۽ ٻن صوبن جي وچ ۾ ٻطرفي معاهدي کي حتمي شڪل ڏيندي. اجلا?? ۾ ??نساني ترقي ۽ بيسڪ ايجوڪيش ڪميونٽي اسڪولز بابت قومي ڪميشن جي مستقبل ۾ ڪردار ۽ ڪم جو پڻ جائزو ورتو ويو. ان حوالي سان اصولي فيصلو ڪ??و ويو ته موجوده انساني ترقي ۽ بيسڪ ايجوڪيشن ڪميونٽي اسڪولز بابت قومي ڪميشن، استادن ۽ شاگردن کي وفاقي تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت وار?? وزارت کان لاڳاپيل صوبن ۽ علائقن کي منتقل ڪ??و وڃي. اهو عمل هلندڙ مالي سال جي پڄاڻي کان اڳ مڪمل ڪ??و ويندو. اجلاس ۾ وفاقي تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت وار?? وزارت کي ان حوالي سان صوبن سان مشاورت سان پلان تيار ڪري گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي ايندڙ اجلاس ۾ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
وزيراعظم جي صدارت ۾ گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو 42 هون اجلاس
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ لاٹری