اسلام آباد – 17 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان گلگت بلتستان جي چونڊن ۾ ڌانڌلي جي الزامن کي رد ڪندي چيو آهي ته سياسي پارٽين ۾ شڪست تسليم ڪر?? جو جذبو هجڻ گهرجي، پاڪستان تحريڪ انصاف تي اعتماد جو اظهار ڪر?? تي گلگت بلتستان جي عوام جا ٿورائتا آهيون، وفاقي حڪومت ان علائقي جي عوام جو احساس محرومي ختم ڪر?? لاءِ گلگت بلتستان کي صوبي جو درجو ڏيڻ جو واعدو پورو ڪندي، چونڊ عمل کي منصفاڻو ۽ شفاف بڻائڻ لاءِ عام چونڊن ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ جو نظام متعارف ڪرايو ويندو، سينيٽ جي چونڊن ۾ ڳجهي بيلٽ پيپر بدران هٿ مٿي کڻي ووٽ وجهڻ لاءِ پارليامينٽ ۾ ترميمي بل پيش ??نداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن چونڊ سڌارا ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ صحافين سان ڳالهائين??ي ڪيو، وزيراعظم چيو ته سينٽ چونڊن جي حوالي سان بل پيش ??رڻ جو مقصد سينيٽ جي ايندڙ چونڊن ۾ ووٽن جي خريد ۽ وڪري جي حوصلا شڪني ڪر?? آهي، هن چيو ته آئيني ترميم لاءِ ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت جي ضرور?? هوندي، ان مان خبر پوندي ته ڪهڙي سياسي پارٽي ان عمل جي حمايت ڪندي ۽ بدعنواني جي روڪٿام جي مخالفت ڪندي، وزيراعظم چيو ته اهو موجوده حڪومت جو پهريون اهم قدم آهي، پاڪستان تحريڪ انصاف 2018ع جي چونڊن ۾ پنهنجا ووٽ وڪرو ڪر?? تي صوبائي اسيمبلي جي 12 مميبرن کي پارٽي مان ڪڍي ڇڏيو هو، اليڪٽرانڪ ووٽنگ بابت هن چيو ته نادرا پاران فراهم ڪيل انگن اکرن جي بنياد تي نظام جوڙڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن سان مشاورت جاري آهي، هن چيو ته شفافيت کي يقيني بڻائڻ سان گڏوگڏ ڪمپيوٽرائيزڊ نظام سان ٻاهرين ملڪ رهندڙ 90 لک پاڪستانين کي به آن لائين ووٽ وجهڻ ۾ آساني ٿيندي.
وزيراعظم پاران گلگت بلتستان جي چونڊن ۾ ڌانڌلي جا الزام رد، سياسي پارٽين ۾ شڪست تسليم ڪرڻ جو جذبو هجڻ گهرجي: عمران خان
مضمون کا ماخذ : پاور بال کے نتائج