اسلام آباد – 14 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سرڪاري آفيسرن پاران عوامي شڪايتن ک?? وقت سر حل نه ڪرڻ تي سخت نوٽيس ورتو آهي ۽ غيرسنجيده ۽ موثر ڪارڪردگي نه ڏيکاريندڙ سرڪاري آفيسرن جي خلاف ڪارروائي ڪئي وئي آهي. وزيراعظم آفيس پاران جاري بيان موجب پنجاب جي چيف سيڪريٽري جي ماتحت 1586 آفيسرن جي ڊيش بورڊ جي ڇنڊڇاڻ مڪمل ڪري ورتي آهي ۽ وزيراعظم پرفارمنس ڊيليوري يونٽ جي رپورٽ وزيراعظم کي پيش ڪئي وئي آهي. رپورٽ موجب 263 آفيسرن ک?? ڪارڪردگي جي بنياد تي وارننگ، 7 سرڪاري آفيسرن ک?? شوڪاز نوٽي?? جاري ڪيا ويا آهن. وزيراعظم آفيس پاران 833 آفيسرن ک?? محتاط رهڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي جڏهن ته 111 آفيسرن کان وضاحت طلب ڪئي وئي آهي. وزيراعظم آفيس 403 سرڪاري آفيسرن جي ڪارڪردگي کي ساراهيو. رپوٽ موجب اط??اعات، زراعت، ايڪسائيز ۽ آبپاشي سيڪريٽري کي ڪارڪردگي بهتر ڪرڻ جو خط جاري ڪيو ويو آهي. واضح رهي ته وزيراعظم ڪابينا اجلاس دوران سرڪاري آفيسرن جي ناقص ڪارڪردگي جو نوٽيس ورتو هو.
وزيراعظم پاران سرڪاري آفيسرن پاران عوامي شڪايتن کي وقت سر حل نه ڪرڻ تي سخت نوٽيس
مضمون کا ماخذ : نتیجہ میگا سینا