اسلام آباد – 06 – مارچ (اي پي پي) عوامي مسلم ليگ جي سربراهه ۽ گهرو وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته وزيراعظم ??ريب جي لاءِ تمام گهڻو ڪم ڪيو آهي جڏهن ته غريب ع??ام ۽ پگهاردار طبقي جي حالت بهتر بڻائڻ جي لاءِ ڪوششون تيز ڪرڻ جي ضرورت آهي، جهڙي طرح وزيراعظم ??تم نبوت جو جهنڊو بلند ڪيو آهي الله پاڪستان ۾ عمران خان جو جهنڊو بلند ڪندو. قومي اسيمبلي ۾ اعتماد جي قرارداد جي منطوري کانپوءِ ڳالهائيندي عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد احمد چيو ته ماضي ۾ مون پنهنجي زندگي ۾ ڏٺو آهي ته ڏهه ڏهه، ٻارنهن ٻارنهن ماڻهن پوري نظام کي اپ سيٽ ڪيو. عمران خان تباهه حال معيشت کي جهڙي طرح سه??رو ڏنو ۽ 20 ارب ڊالر جي خساري کي سرپلس ڪيو آهي ان جو ماضي ۾ مثال نه ٿو ملي. هن چيو ته مون ماضي ۾ ڪيترن ئي ماڻهن سان گڏ ڪم ڪيو آهي پر انهن اهڙو ڪم نه ڪيو جهڙي طرح عمران خان ڪيو آهي. هن چيو ته اڍائي سال گذري ويا آهن، الله وزيراعظم کي نئين سياسي زندگي ڏني آهي. وزيراعظم ??ريب جي لاءِ تمام گهڻو ڪم ڪيو. جڏهن ته غريب عوام جي حالت بهتر بڻائڻ جي لاءِ ڪوششن کي تيز ڪرڻ جي ضرورت آهي ڇو ته جاگيردار ۽ صنعتڪار ڪنهن جا ناهن هوندا.
وزيراعظم غريب جي لاءِ تمام گهڻو ڪم ڪيو آهي: شيخ رشيد احمد
مضمون کا ماخذ : لوٹومینیا