دوشنبي – 16 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پ??ڪس??ان پنهنجي ”ويزن وچ ايشيا“ پاليسي جي ذريعي وچ ايشيائي ملڪن سان وسيع پئماني تي لاڳاپا وڌائن لاءِ پرعزم آهي، ترميز – مزار شريف – ڪابل – جلال آباد – پشاور کي ملائيندڙ ٽرانس اف??ان ريلوي منصوبو انتهائي اهميت رکندڙ آهي. اف??انست??ن ۾ امن ۽ استحڪام پ??ڪس??ان ۽ خطي لاءِ اهم آهي. اها ڳالهه هن تاجڪستان جي گادي واري شهر دوشنبي ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي ملڪي سربراهن جي اجلاس جي موقعي تي قزاخستان جي صدر قاسم جمرات توڪائف سان ملاقات دوران ڳالهائيندي چئي. ٻنهي اڳواڻن ٻه طرفي لاڳاپن سميت اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، ٻنهي اڳواڻن واپار، سيڙپڪاري ۽ ٽرانسپورٽيشن لنڪس سميت مختلف شعبن ۾ ٻه طرفا لاڳاپا وڌائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پ??ڪس??ان پنهنجي ”ويزن سينٽرل ايشيا“ پاليسي جي ذريعي وچ ايشيائي ملڪن سان وسيع پئماني تي لاڳاپا وڌائڻ لاءِ پرعزم آهي، وزيراعظم خاص طور تي رابطن جي اهميت ۽ سمنڊ تائين مختصر ترين رستو فراهم ڪرڻ ۾ پ??ڪس??ان جي اهم پوزي??ن تي زور ڏنو. وزيراعظم ترمز – مزار شريف – ڪابل – جلال آباد – پشاور کي ملائيندڙ ٽرانس اف??ان ريلوي منصوبي جي اهميت کي به اجاگر ڪيو. وزيراعظم سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۽ ملڪي ترقي کي جيوسياست کان جيواڪنامڪس ۾ منتقل ڪرڻ جي پنهنجي ويزن جي به وضاحت ڪئي، ٻنهي اڳواڻن علائقائي استحڪام کي فروغ ڏيڻ لاءِ زميني ۽ فضائي رستن جي ذريعي رابطا وڌائڻ جو به فيصلو ڪيو، وزيراعظم پ??ڪس??ان ۽ خطي جي لاءِ اف??انست??ن ۾ امن ۽ استحڪام جي اهميت تي به زور ڏنو. هن عالمي برادري تي زور ڏنو ته هو اف??ان عوام جي مدد، فوري انساني ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۽ معيشت جي استحڪام جي غرض سان قدم کڻڻ جي لاءِ رابطا جاري رکي. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته اف??انست??ن ۾ پائيدار امن ۽ سلامتي رابطن ۽ ترقي ۾ مددگار ثابت ٿيندي. ٻنهي اڳواڻن اعليٰ سطح جي سياسي مٽاسٽا جو تعداد وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. وزيراعظم صدر توڪائف کي پ??ڪس??ان جي دوري جي دعوت جو ورجاءُ ڪيو، جڏهن ته صدر توڪائف وزيراعظم عمران خان کي قزاخستان جي دوري جي دعوت ڏني.
افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام پاڪستان ۽ خطي لاءِ اهم آهي: وزيراعظم عمران خان
مضمون کا ماخذ : سشی ایکسپریس