ڪراچي – 11 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد ??سين چيو آهي ته گرين لائين منصوبي تي وفاق 35 ارب رپيا خرچ ڪيا آهن، (ن) ليگ رڳو ڪاغذن ۾ منصوبا شروع ڪيا، (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي ڪيتري پاڻي ۾ آهن اهو ڪراچي وارا بهتر ڄاڻين ٿا، نوجوان نسل کي شدت پسندي کان پري رکڻ جي لاءِ مثبت سرگرميون فراهم ڪرڻيون پونديون، اسان جي خواهش آ??ي ته نوان ليکڪ ۽ شاعر اڀري سامهون اچن. اهڙن خيالن جو اظهار هن 14 هين عالمي اردو ڪانفرنس جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اردو دنيا جي ڳالهائي ويندڙ ڪجهه وڏين زبانن مان آ??ي، جيترو لٽريچر ۽ شاعري اردو زبان ۾ آهي ان جو ڪو م??ابلو نه آهي. هن چيو ته 25 ڊسمبر تي ڪراچي ۾ قائداعظم جي پيدائش جو ڏهاڙو ۽ ڪرسمس جي تقريب گڏ ملهايا ويندا. چوڌري فواد ??سين چيو ته نوجوان نسل کي شدت پسندي کان پري رکڻ جي لاءِ مثبت سرگرميون فراهم ڪرڻيون پونديون، اسلام آباد ۾ اسپورٽس ميلي ۽ آرٽس ڪائونسل پاران ڪراچي ۾ اردو ڪانفرنس مثبت قدم آ??ي، اسان جي خواهش آ??ي ته نوان ليکڪ ۽ نوان شاعر اڀري سامهون اچن، اسان جي يونيورسٽين ۾ اهڙا نوجوان موجود آهن جيڪي شاعر ۽ ليکڪ به آهن، اسان کي انهن نوجوانن کي پروموٽ ڪرڻو آهي. هن چيو ته اسان پنهنجي فلم انڊسٽري کي پڻ مضبوط ڪري رهيا آهيون، پي ٽي وي فلم ٺاهي ڇڏيو آ??ي، جديد فلمسازي جي لاءِ ٽيڪنالاجي يونيورسٽي ٺاهي پئي وڃي. ان کانسواءِ ٽيپو سلطان ۽ ظهيرالدين بابر تي مهانگيون فلمون ٺاهيون پيون وڃن. چوڌري فواد ??سين چيو ته اهو ڪم 20 سال اڳ ٿيڻ گهرجي ها، بدقسمتي سان ماضي ۾ ان طرف ڪنهن ڪو ڌيان نه ڏنو، هڪ طرف اسان بيروزگاري جو چئون ٿا پر ٻئي طرف اسان کي هنرمند افرادي قوت دستياب ناهي هوندي. هن چيو ته اسان جي ميڊيا تمام وڏي آ??ي، ان شعبي ۾ ٽيڪنيڪل ماڻهن جي کوٽ آ??ي، اسان کي هنرمند افرادي قوت جي لاءِ عالمي حصيداري جي ضرورت آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته گرين لائين منصوبي تي وفاق 35 ارب رپيا خرچ ڪيا آهن، (ن) ليگ رڳو ڪاغذن ۾ منصوبا شروع ڪيا، اسان منصوبن کي عملي شڪل ڏئي رهيا آهيون، جهلم ۾ 1898ع جو جلال پور ڪينال منصوبو هاڻي وڃي ٺهيو آ??ي، منصوبا رڳو چوڻ سان ناهن ٺهندا، (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي ڪيتري پاڻي ۾ آهن اهو ڪراچي وارا بهتر ڄاڻين ٿا.
گرين لائين منصوبي تي وفاق 35 ارب رپيا خرچ ڪيا آهن، (ن) ليگ رڳو ڪاغذن ۾ منصوبا شروع ڪيا: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : فا فا فا ۔