اسلام آباد – 15 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ??نيا ۾ اڳتي وڌڻ جي لاءِ ٽيڪنالاجي مان فائدو کڻڻو پوندو، 22 ڪروڙ آبادي کي رسمي معيشت جو حصو بڻائي اثاثو بڻائي سگهجي ٿو، سمنڊ پار پاڪستانين جي لاءِ وڌيڪ آسانيون پيدا ڪنداسين، جيڪي ماڻهو ٽيڪس نه ٿا ڏين انهن تائين پهچنداسين، حڪومت مشڪل وقت ۾ معاشري جي ??ريب طبقن جي ??ڌوسنئون مدد ڪندي، هيٺئين طبقي جون حالتون بهتر ٿينديون، اها ئي اصل ڪاميابي هوندي، پوري دنيا ۾ غربت وڌي پر پاڪستان ۾ گهٽ ٿي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ملڪ جي پهرين ڊيجيٽل پيمنٽ سسٽم ”راست“ جاري ڪرڻ جي ??قريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ت?? 22 ڪروڙ جي ??بادي کي جيڪڏهن اسان رسمي معيشت جو حصو بڻائي ڇڏيون ته ??ن کي هڪ اثاثي ۾ تبديل ڪري سگهجي ٿو. دنيا ۾ ٽيڪنالاجي ??ي شعبي ۾ جيڪا جدت اچي رهي آهي ان مان فائدو نه کڻنداسين ته ??هي 22 ڪروڙ ماڻهو بار بڻجي ويندا. وزيراعظم چيو ته ??ام ماڻهو بئنڪ ۾ ويندي ڊڄندو آهي. بئنڪن ۾ به سوٽ پاتل ۽ انگريزي ڳالهائيندڙن کي اهميت ڏني وڃي ٿي. ”راست“ سان عام ماڻهو کي سه??لت ملندي. هن چيو ت?? هيٺئين طبقي کي مٿي آڻڻ ئي حڪومت جي ??صل ڪاميابي آهي. خيبرپختونخواهه ۾ اسان جي ??ڪومت آئي ته ??هو صوبو دهشتگردي جو شڪار هو. 500 کان 700 پوليس اهلڪار شهيد ٿي چڪا هئا. ان صوبي ۾ اسان جيڪي قدم کنيا انهن جي ڪري خيبرپختونخواهه جي ??وام جيڪا ٻيون ڀيرو ڪنهن کي موقعو نه ٿي ڏي اسان کي ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت سان ٻيهر چونڊيو. ان جو سبب اهو هو ت?? گڏيل قومن جي ??داري يو اين ڊي پي موجب خيبرپختونخواهه ۾ غربت سڀ کان وڌيڪ تيزي سان گهٽ ٿي هئي، ان لاءِ اتان جي ??وام اسان کي ٻيهر چونڊيو. وزيراعظم چيو ته ??ڪومت جي پڄاڻي تائين اسان جي ڪاميابي جو پئمانو اهو هوندو ت?? ملڪ ۾ غربت گهٽ ٿي يا نه ۽ خوشحالي جو ثمر هيٺ تائين پهتو يا نه. وزيراعظم چيو ت?? ورلڊ بئنڪ جي ??پورٽ موجب سڄي دنيا ۾ غربت وڌي پر پاڪستان ۾ ان ۾ گهڻي قدر گهٽتائي آئي. هن چيو ت?? پورهيت ۽ عام طبقي جي ماڻهن وٽ بئنڪن ۾ وڃڻ جو وقت ناهي هوندو. ”راست“ سان عام ماڻهو کي پنهنجي موبائيل فون ذريعي به بئنڪنگ جي سه??لت حاصل ٿي ويندي ۽ سيونگ بهتر ٿيندي. وزيراعظم چيو ت?? پاڪستان ۾ ٽيڪس ٽو جي ڊي پي ريشو گهٽ آهي، ان سلسلي ۾ قدم کنيا پيا وڃن. ايف بي آر ۾ به ٽيڪنالاجي ??و استعمال ڪنداسين. 22 ڪروڙ جي ??بادي ۾ رڳو 20 لک ماڻهو ٽيڪس ڏين ٿا. اهڙا ماڻهو به آهن جن جو لائيف اسٽائيل تمام سٺو آهي ۽ گهرن ۾ گاڏيون بيٺل آهن پر هڪ رپيو ٽيڪس نه ٿا ڏين. هاڻي اسان ٽيڪنالاجي ??و استعمال ڪندي انهن تائين به پهچنداسين ۽ انهن کان به ٽيڪس وٺنداسين. وزيراعظم اسٽيٽ بئنڪ جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي هدايت ڪئي ته ??منڊ پار پاڪستانين جي لاءِ وڌيڪ آسانيون پيدا ڪيون وينديون ۽ انهن جي ??ڪايتن جي ??زالي لاءِ سيل قائم ڪيو وڃي. هن چيو ته ??منڊ پار پاڪستاني اسان جو ت??ام وڏو اثاثو آهن. پرڏيهي ناڻي جي ??خيرن ۾ انهن جو سڀ کان وڏو ڪردار آهي. انهن جي لاءِ وڌيڪ آسانيون پيدا ڪيون وينديون. هيٺئين طبقي جون حالتون بهتر ڪنداسين. احساس راشن پروگرام شروع ڪيو آهي. عام ماڻهو جي مشڪل وقت ۾ سڌوسنئون مدد ڪئي ويندي ۽ پئسو سڌوسنئون ڏنو ويندو. ان سلسلي ۾ ”راست“ مان به فائدو کنيو ويندو. ان کان اڳ ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت فياض ترين تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته ??ئنڪنگ سيڪٽر تمام ترقي ڪري چڪو آهي. هڪ زماني ۾ رقم جي منتقلي ۾ ڪيترائي ڏينهن لڳي ويندا هئا پر ”راست“ جي ??ريعي هاڻي اهو ڪم سيڪنڊز ۾ ٿيندو. بئنڪنگ جي ??عبي ۾ انقلاب اچي چڪو آهي. ان سان اي ڪامرس ۾ به اضافو ٿيندو ۽ نه رڳو ماڻهن جي وچ ۾ پر ڪاروباري ۽ واپاري ڏيتي ليتي جي لاءِ پڻ جديد ٽيڪنالاجي ۽ ”راست“ کي استعمال ۾ آندو ويندو. ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته ??ءِ ٽي جي ??عبي ۾ ترقي سان بئنڪنگ شعبي کي تمام گهڻو فائدو ٿي ر??يو آهي. اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر رضا باقر تقريب کي خطاب ڪندي چيو ت?? وزيراعظم بئنڪنگ جي نظام کي بهتر بڻائڻ جي ??دائين هدايت ڪئي آهي. بئنڪون هاڻي عام شهرين کي به قرض فراهم ڪري رهيون آهن. ”راست“ ڊيجيٽل ادائيگي ۾ انقلاب آڻيندو. هن چيو ته ??است جا چار خصوصي جز آهن، ان جي ??ريعي فوري ادائيگيون ٿينديون. راست ڪيش ادائيگي جي ??بتڙ فوري ڊيجيٽل ادائيگي ممڪن بڻائي ٿو. راست مڪمل طور تي مفت خدمت آهي، ان ۾ ڪي به لڪل چارجز نه آهن. راست جي لاءِ موبائيل ذريعي رجسٽريشن ٿئي ٿي ۽ هاڻي ايپ، انٽرنيٽ بئنڪنگ جي چينلز جي ??ريعي ان تائين پهچ ممڪن آهي. راست کي ڪنهن به بئنڪ جي ??ڪائونٽ سان ڳنڍيو ويندو. هن چيو ت?? نئون پاڪستان هائوسنگ اسڪيم تحت بئنڪن مان 131 ارب رپيا قرض جي منظوري ڏني وئي آهي. پاڪستان ۾ ڊيجيٽل بئنڪ قائم ڪرڻ جي لاءِ فريم ورڪ جوڙيو ويو آهي. ڊيجيٽل بئنڪ گهٽ فيس سان وڌيڪ سه??لتون فراهم ڪندي. هن چيو ت?? ڏورانهن علائقن ۾ نادرا سان گڏجي ??ڪائونٽ کولڻ جي لاءِ بائيو ميٽرڪ جي سه??لت پڻ فراهم ڪئي پئي وڃي. هن چيو ت?? ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي ملڪي بئنڪاري جي نظام ۾ شامل ڪرڻ جي لاءِ خصوصي قدم کنيا ويا آهن. هن چيو ت?? گذريل مالي سال ۾ 500 ارب ڊالر اي بئنڪنگ ذريعي منتقل ٿيا. اها شرح جي ڊي پي کان به وڌيڪ آهي. اي بئنڪنگ ڏيتي ليتي ۾ هر سال 30 سيڪڙو اضافو ٿي ر??يو آهي. هن چيو ت?? هن وقت 10 ڪروڙ شهرين وٽ موبائيل فون آهي پر اهي بئنڪنگ جي سه??لت مان فائدو نه کڻي رهيا آهن. ڪجهه هفتن ۾ سموريون بئنڪون ”راست“ سان ڳنڍجي وينديون.
دنيا ۾ اڳتي وڌڻ جي لاءِ ٽيڪنالاجي مان فائدو کڻڻو پوندو: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : melhores loterias do Brasil