اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) اسلامي ترقياتي بئنڪ (آءِ ڊي بي) گروپ جي صدر ڊاڪٽر محمد الحبير چيو آهي ته افغانستان جي عوام جي امداد لاءِ اسلامي تعاون تنظيم ۽ امداد ڏيندڙ ملڪن ۽ ادارن کانسواءِ عالم?? برادري جي ٺوس ڪوششن جي ضرورت آهي، پاڪستان جي ڏهاڙي جي موقعي تي پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت کي مبارڪباد ڏيان ??و. هن اها ڳالهه اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي اجلاس جي افتتاحي سيشن کي خطاب ڪندي چئي. هن او آءِ سي ملڪن جي وچ ۾ واپار ۽ واپاري لنگهن جي فروغ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چ??و ته اسلامي ملڪن جي وچ ۾ واپاري ۽ اقتصادي شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ وقت جي ضرورت آهي. اسلامي ترقياتي بئنڪ جي صدر افغانستان جي لاءِ هيومنٽرين ٽرسٽ قائم ڪرڻ جي آجيان ڪئي ۽ چ??و ته اهو افغانستان جي عوام سان او آءِ سي پاران ??ڪجهتي جو اظهار آهي، ان ??نڊ جي آپريشنل ٿيڻ سان افغانستان ۾ انساني همدردي جي بنياد تي امداد جي فراهمي ممڪن ٿي سگهندي. اسان جي ڪوشش هوندي ته فنڊز جي ذريعي ملندڙ عطين ۽ امداد جو شفاف استعمال يقيني بڻائي سگهجي. هن چيو ته افغانستان جي عوام جي امداد جو ڪم ڪو اڪيلو ادارو يا ملڪ اڪيلي طور نه ٿو ڪري سگهي، ان ڏس ۾ عالم?? برادر?? کي افغان عوام جي مدد لاءِ اڳتي اچڻو پوندو، اسلامي ترقياتي بئنڪ گذريل ڊسمبر کان ??سلسل ٻطرفي ترقياتي حصيدارن ۽ امداد ڏيندڙ ملڪن ۽ ادارن سان ان ڏس ۾ مشاورت ڪري رهي آهي. هن چيو ته افغانستان جي لاءِ هيومنٽرين ٽرسٽ فنڊ تحت افغانستان جي ڳو??اڻن علائقن تي خاص ڌيان ڏنو ويندو ڇو ته 75 سيڪڙو افغان ڳو??اڻن علائقن ۾ رهن ٿا. ڳو??اڻن ۾ علائقن ۾ زرعي پيداوار ۾ اضافي، ڇوڪرين جي تعليم، عورتن کي بااختيار بڻائڻ ۽ بجلي ۽ ٻين بنيادي ضرورتن جي فراهم?? کي ترجيح ڏني ويندي. اهڙي طرح افغانستان ۾ انساني همدردي جي بنياد تي امدادي ڪمن ۾ نجي شعبي جي شموليت کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پڻ قدم کنيا ويندا. اسلامي ترقياتي بئنڪ جي صدر چيو ته افغانستان جي عوام جي امداد لاءِ او آءِ سي جي ميمبر ملڪن، عالمي امدادي ۽ ترقياتي ادارن ۽ عالم?? برادر?? کي اڳتي وڌڻو پوندو. اسلامي ترقياتي بئنڪ سمورن حصيدارن ۽ عالم?? برادري سان گڏجي افغانستان جي عوام جي امداد لاءِ پرعزم آهي. هن افغانستان جي لاءِ هيومنٽرين ٽرسٽ فنڊ ۽ اسلامي ڪانفرنس تنظيم جي وزارتي اجلاس جي ميزباني تي پاڪستان جا ٿورا مڃيا.
پاڪستان جي ڏهاڙي جي موقعي تي پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت کي مبارڪباد ڏيان ٿو: اسلامي ترقياتي بئنڪ جو صدر
مضمون کا ماخذ : عظیم البینی