اسلام آباد – 26 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي صدارت ۾ عالم سڳورن جي اجلاس ڪورونا وبا جي احتياطي تدبيرن جي خاتمي، معاشرتي خرابين جي اصلاح ۾ عالم سڳورن جي ڪردار، معاشري ۾ ڪوڙين خبرن، غيبت ۽ بداخلاقي جي روڪٿام، عورت جي وراثت ۾ حق، طهارت ۽ صفائي، تزڪيه نفس جي ??هت??ام، اسلامو فوبيا جي تدارڪ جي قرارداد ۽ عالمي ڏينهن مقرر ڪرڻ جي حوالي سان تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ ڪورونا وبا جي احتياطي تدبيرن ۾ سهولت ۽ نرمي جو اعلان ڪيو ۽ تفصيلي ڳالهه ٻولهه کانپوءِ هڪ ٺوس ضابطه اخلاق تي اتفاق ڪيو ته ڪورونا وبا کان اڳتي بچاءُ ۽ حفاظت جي لاءِ دعائن جو ??هت??ام ڪيو وڃي، بحيثيت قوم پنهنجي غلطين جي الله تعاليٰ کان معافي گهري وڃي ۽ شڪر ادا ڪيو وڃي ته الله سبحان و تعاليٰ ڪورونا وبا ٽاري ڇڏي آهي ۽ گذريل سال رمضان المبارڪ ۾ جيڪي پابنديون هيون هاڻي الحمدالله انهن ۾ نرمي ڪئي وئي آهي، عالم سڳورن وزيراعظم عمران خان کي اسلامو فوبيا جي تدارڪ ۽ ناموس رسالت ﷺ جي لاءِ عالمي سطح تي ڪيل ڪوششن تي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ سوشل ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا تي عوامي بيداري جي لاءِ معتبر عالم سڳور?? ۽ ??يني اسڪالرز اسلامو فوبيا جي خلاف قرارداد?? ۽ ??ن جي ضرورت ۽ اهميت جي حوالي سان اشاعتي مهم جي ??هت??ام تي اتفاق ڪيو. ان حوالي سان صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي صدارت ۾ قومي عالم سڳورن جو اجلاس اسلام آباد ۽ سمورن صوبائي گادي وارن شهرن ۾ وڊيو لنڪ ذريعي منعقد ڪيو ويو. اجلاس ۾ ڪورونا وبا جي احتياطي تدبيرن جي خاتمي، معاشرتي خرابين جي اصلاح ۾ عالم سڳورن جي ڪردار، معاشري ۾ ڪوڙين خبرن، غيبت ۽ بداخلاقي جي روڪٿام، عورت جو وراثت ۾ حق، طهارت ۽ صفائي، تزڪيه نفس جي ??هت??ام، اسلامو فوبيا جي تدارڪ جي قرارداد ۽ عالمي ڏينهن مقرر ڪرڻ جي حوالي سان تفصيلي بحث ڪيو ويو. وبا دوران عالم سڳورن جي ڀرپور تعاون جي ذريعي ئي مذهبي عبادت?? ۽ ??جتماعن ۾ احتياطي تدبيرن تي عملدرآمد ٿيو. پاڪستان پوري اسلامي دنيا ۾ اهو واحد ملڪ هو جنهن ڪورونا وبا جي عروج جي ڏينهن ۾ به احتياطي تدبيرن سان مسجد?? ۽ ??مام بارگاهن کي الله تعاليٰ جي عبادت جي لاءِ کليل رکيو. مسجدن جي انتظاميا ۽ ممبر ۽ محراب جي وارثن جنهن نظم ۽ ضبط ۽ ڊسپلن جو مظاهرو ڪيو اهو بي مثال هو. هاڻي عالم سڳورن کي ڪورونا وبا جي احتياطي تدبيرن ۾ سهولت ۽ نرمي جو اعلان ڪرڻو آهي. سمورن شرڪت ڪندڙن تفصيلي ڳالهه ٻولهه کانپوءِ هڪ ٺوس ضابطه اخلاق تي اتفاق ڪيو ۽ گڏيل پڌرنامو جاري ڪيو ته ڪورونا وبا کان اڳتي بچاءُ ۽ حفاظت جي لاءِ دعائن جو ??هت??ام ڪيو وڃي. پڌرنامي ۾ چيو ويو آهي ته اسان بحيثيت قوم پنهنجي غلطين جي الله تعاليٰ کان معافي گهرون ٿا ۽ شڪر ادا ڪريون ٿا ته ڪورونا وبا الله سبحان و تعاليٰ ٽاري ڇڏي، گذريل سال رمضان المبارڪ ۾ جيڪي ڪورونا وبا جون پابنديون هيون هاڻي الحمدالله انهن ۾ نرمي ڪئي وئي آهي، جڏهن ته عمارتن جي اندر ماسڪ جو استعمال بهتر رهندو. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته مسجدن ۾ فاصلي کي هاڻي واپس معمول تي آندو وڃي جڏهن ته جيڪي ماڻهو احتياط طور ماسڪ پائڻ چاهين ته ضرور جاري رکن، بزرگ شهرين کي درخواست ڪئي وئي ته ٻيهر مسجدن ۾ نماز?? ۽ ??بادتن جو ??هت??ام جاري رکن، مسجد?? ۽ ??مام بارگاهن ۾ صفائي ۽ طهارت جي لاءِ گذريل هدايتن کي جاري رکن ڇو ته طهارت نصف ايمان آهي. اجلاس ۾ چيو ويو ته اسان حڪومت ۽ اين سي ??و سي جي ڪامياب پاليسي تي مبارڪباد پيش ڪريون ٿا ۽ قوم جا ٿورا مڃون ٿا ته هن عالم سڳورن جي گذارشن تي عمل ڪيو. ضرورت پوڻ تي اڳتي به ڪورونا بابت اين سي ??و سي جي هدايتن کي نظر ۾ رکيو ويندو. اجلاس ۾ عالم سڳورن وزيراعظم عمران خان جي اسلامو فوبيا جي تدارڪ ۽ ناموس رسالت ﷺ جي لاءِ عالمي سطح تي ڪيل ڪوششن تي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته سوشل ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي ذريعي عوامي بيداري جي لاءِ معتبر عالم سڳورا ۽ ديني اسڪالرز اسلامو فوبيا جي خلاف قرارداد ۽ ان جي ضرورت ۽ اهميت جي حوالي سان اشاعتي مهم جو ??هت??ام ڪن. عالم سڳورا مسجد ۽ محراب تان معاشرتي مسئلن جي حل، جهڙوڪ ماءُ ۽ ٻار جي صحت، ماحول جي صفائي، عورتن جي وراثت جي حقن، حفظان صحت، آبادي جي ڀلائي وغيره ۾ اڳ ۾ به پنهنجو ڪردار ادا ڪندا رهيا آه?? ۽ ??ن ڏس ۾ حڪومتي ڪوششن جو ساٿ ڏيندا. اجلاس ۾ چيو ويو ته اسان فاسق جي خبر، غيبت آ۽ فيڪ نيوز جي ٽي وي ۽ سوشل ميڊيا تي يلغار جي حوالي سان ڳڻتي جو اظهار ڪريون ٿا ۽ اتفاق ڪيو ته اسان ممبر ۽ محراب، خاندان، اسڪول ۽ مدرسن جي ذريعي عوامي آگاهي ۽ ڪردارسازي جي ڪم کي وڌيڪ وڌائيندي حڪومتي ڪوششن جو مڪمل ساٿ ڏينداسين.
صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي صدارت ۾ عالم سڳورن جو اجلاس
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی ترکیبیں