لنڊن – 06 – اپريل (اي پي پي) ڀارتي ميزائيل جي پاڪستان حدن ۾ ڪرڻ جي ڪجهه ڏينهن کانپوءِ فل??ائ?? ڀارت کان ان معاملي تي جواب طلب ڪيو هو. ان ڳالهه جو انڪشاف بي بي سي ڀارتي اخبار جي حوالي سان پنهنجي هڪ رپورٽ ۾ ڪيو آهي. رپورٽ موجب ڀارت جي مشهور انگريزي اخبار ”دي انڊين ايڪس??ري??“ پنهنجي رپورٽ ۾ لکيو ته فل??ائ?? اها وضاحت ان لاءِ طلب ڪئي هئي ڇو ته هو ڀارت سان براهموس ميزائل جي خريداري جي هڪ معا??دي تي صحيح ڪري چڪو هو، فل??ائ?? جي صدر روڊريگوڊوٽرٽي جي ڪابينا ۾ سڀ کان سينئر وزير ۽ دفاع واري سيڪريٽري ڊيلفائن لورينزانا ڀارتي سفير شمڀو ايس ڪمارن کي ان سلسلي ۾ طلب ڪيو هو. ڀارتي سفير فل??ائ?? جي دفاع واري سيڪريٽري کي ٻڌايو ته ميزائل سسٽم ۾ ڪا فني مسئلو هو ۽ ان سلسلي ۾ جاچ جاري آهي، جڏهن جاچ مڪمل ٿيندي ته ان جي معلومات به فل??ائ?? جي لاڳاپيل عملدارن سان شيئر ڪئي ويندي. پاڪستان جي سرزمين ۾ حادثاثي طور تي ڪرندڙ ميزائل جي ساخت ته ڪو به سرڪاري بيان سامهون نه آيو آهي ۽ فل??ائ?? جي ??ري??اني جو اهو ئي سبب آ??ي. ??اضح رهي ته هلندڙ سال 28 جنوري تي فل??ائ?? ڀارت سان براهموس ميزائل جي خريداري جي هڪ معا??دي تي صحيح ڪيون هيون جنهن کي ڀارت جي ڊفينس ريسرچ اينڊ ڊولپمينٽ آرگنائيزيشن(ڊي آر ڊي او) ۽ روس جي اين پي او ميشينوسترونيا اداري گ??يل طور تي تيار ڪري رهيا آهن، فل??ائ?? سان ٿيندڙ اهو معاهدو 73 ڪروڙ 50 لک آمريڪي ڊالر ماليت جو آهي ۽ چيو پيو وڃي ته اهو انڊيا لاءِ هڪ وڏو دفاعي سودو آهي، هڪ ٻي ڀارتي اخبار ”دي هندو“جي موجب انڊيسن سفير ڪمارن اننٿاسيٽر جي اهتمام هيٺ منعقد تقريب ۾ چيو هو ته فل??ائ?? سان شروعاتي معاهدو گذريل سال مارچ ۾ ٿيو هو، ٻيو معاهدو نومبر ۾ ۽ حتمي معاهدو هلندڙ سال جنوري ۾ ٿيو آهي، ڀارتي خابرو اداري اي اين آءِ جي 23 مارچ جي رپورٽ ۾ سرڪاري ذريعن جي حوالي سان ٻڌايو ويو ته ڀارتي فضائيه جي فوج ۾ ميجر جنرل جي ع??دي جي برابر آفيسر ان معاملي جي جاچ ڪري رهيا آهن ۽ بادي النظر ۾ اهو ميزائل هڪ گروپ ڪيپٽن رينڪ جي آفيسر جي غلطي جي بنياد تي فائر ٿيو هو.
ڀارتي ميزائيل جي پاڪستان حدن ۾ ڪرڻ جي ڪجهه ڏينهن کانپوءِ فلپائن ڀارت کان ان معاملي تي جواب طلب ڪيو هو: بي بي سي جي رپورٽ ۾ انڪشاف
مضمون کا ماخذ : raspadinha آن لائن