اسلام آباد – 20 – مئي (اي پي پي) ??در ڊاڪٽر عارف علوي سرڪاري دستاويز ظاهر ڪندڙ نيب آفيسر کي نوڪري مان ڪڍڻ جي سزا برقرار رکي آهي. نيب سکر جي اڳوڻي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر فهيم الله ڳجهي سرڪاري معلومات غيرقانوني طور تي هڪ گهربل ڏوهاري ??ي فراهم ڪئي هئي، معلومات جي بنياد تي نيب ڪيس ۾ هڪ گهربل شخص گرفتاري ??ان بچي فرار ٿي و??و هو. ??در ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ڪرپٽ ماڻهن کي رڳو نوڪري مان ڪڍڻ جي سزا ڪافي نه آهي. هن هدايت ڪئي ته نيب ڪر??ٽ عملدار ۽ ڪيس ۾ شامل ٻين ماڻهن جي خلاف ڪارروائي ڪري. ??در ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته نيب عدالت جي مدد سان ڪيس ۾ ملوث سمورن ماڻهن کي سزا ڏياري، ڪر??ٽ عملدار ملڪ کي دوکو ڏنو، بدعنواني جي خاتمي جي اداري ?? ئي ڪرپشن ڪئي. تفصيل موجب نيب سکر ۾ نيب جي اڳوڻي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر فهيم الله کي سروس مان ڪڍڻ جي سزا ڏني هئي، فهيم الله گرفتاري جي وارنٽ بابت معلومات خوراڪ کاتي لاڙڪاڻي جي اڳوڻي ڊپٽي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر رفيق احمد راڄپر کي ڏني جيڪو نيب کي خوراڪ ڪيس ۾ گهربل هو، فهيم الله اها معلومات پنهنجي دوست نيب جي اڳوڻي ڊپٽي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر يعقوب راڄپر کي ڏني، يعقوب راڄپر معلومات رفيق راڄپر کي ڏني جنهن جي ڪري هُو موقعي تان فرار ٿي و??و ۽ گرفتاري ??ان بچي و??و. انڪوائري ??انپوءِ فهيم الله جي خلاف الزام ثابت ٿيڻ تي نيب نوڪري مان ڪڍڻ جي سزا ڏني. ڪرپٽ آفيسر سزا جي خلاف ??در وٽ اپيل داخل ڪئي هئي. ??در فهيم الله جي درخواست رد ڪري ??ڏي ۽ نيب پاران ڏنل سزا کي برقرار رکيو. ??در ڊاڪٽر عارف علوي پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته درخواست ڏيندڙ اڳوڻو فيصلو رد ڪرڻ جي حق ۾ ڪو سبب پيش نه ڪري سگهيو، ڳجهي معلومات فهيم الله کان ٿيندي رفيق راڄپر تائين پهتي جنهن جي ڪري جوابدار فرار ٿيو، فهيم الله، يعقوب راڄپر ۽ رفيق راڄپر جي وچ ۾ رابطو به ثابت ٿي و??و. هن چيو ته فهيم الله ۽ يعقوب راڄپر جي ٽيليفون جي فرانزڪ سان واضح طور ڪرپشن جا ثبوت مليا. ??در پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته فهيم الله جي اپيل رد ڪئي وڃي ٿي، نيب سکر ۾ ڪرپشن ڪيس ۾ سامهون ايندڙ سمورن تفصيلن جي جاچ ڪري.
صدر پاران سرڪاري دستاويز ظاهر ڪندڙ نيب آفيسر کي نوڪري مان ڪڍڻ جي سزا برقرار
مضمون کا ماخذ : سٹاربرسٹ