اسلام آ??اد – 13 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته موسمياتي تبديلين جو سبب بڻجندڙ ملڪ پاڪستان سا?? ٿيندڙ ناانصافي جو ازالو ڪن، گڏيل قوم?? جي سيڪريٽري جنرل پاڪستا?? جي دوري جي موقعي تي ٻوڏ سبب بي گهر ڪروڙين متاثري?? جي ترجماني ڪئي آهي، ڪابينا جا ميمبر ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ ٻوڏ متاثري?? جي مدد لاءِ ڀرپور قدم کڻن، قوم کي جلد معلوم ٿي ويندو ته ڪير ٻوڏ متاثري?? جي خدمت ۽ ڪير سياست ڪري رهيو آهي. وفاقي ڪابينا جي اجلاس کي خطاب ڪندي هن چيو ته موسمياتي تبديلي?? جي ڪري ايندڙ تازي ٻوڏ ۾ وڏي پئماني تي تباهي ٿي آهي جڏهن ته عالمي سطح تي موسمياتي تبديلين ۾ پاڪستان جو ڪو ڪردار نه آهي، عالمي برادري کي پنهنجي ذميواري ادا ڪرڻي پوندي، گڏيل قوم?? جي سيڪريٽري پاڪستا?? جي دوري جي موقعي تي اسا?? جي جذب?? جي ترجماني ڪئي آهي، ڪنهن به ذميوار عهدو رکندڙ شخص ان کان اڳ اهڙي قسم جون ڳالهيون نه ڪيون، لاڙڪاڻي ۾ سيڪريٽري جنرل اسا?? جي ڪروڙين ماڻهن جو ترجمان بڻيو ۽ چيو ته خالي همدردي ۽ يڪجهتي جون ڳالهيون ڪافي نه آهن، عملي طور تي قدم کڻڻ جي ضرورت آهي ۽ پاڪستان سا?? جيڪا ناانصافي ٿي آهي ان جو ازالو ڪرڻ جي ضرورت آهي، اهم عهدي تي رهندڙ شخص پاران اهڙيون ڳالهيون قابل غور آهن، هن ڏکويل انسانيت ۽ پيڙهيل عوام جي لاءِ جن جذبن جو اظهار ڪيو ان تي ان جا ٿورائتا آهيون. هن چيو ته ڪابينا جا ميمبر پنهنجي ڪم سا?? گڏوگڏ ٻوڏ متاثري?? جي لاءِ پڻ ڪم ڪ?? جيڪو به ڪم ڪ?? جيڪو به ان خير جي ڪم ۾ حصو وجهي رهيو آهي ان کي پنهنجي ۽ ميمبرن پاران سلام پيش ڪريان ٿو ۽ جيڪي ان خير جي ڪم ۾ پنهنجو حصو نه وجهي رهيا آهن انهن کي گذارش آ??ي ته اهي اڳتي وڌي ان ۾ حصو وجهن. هن چيو ته قوم کي چڱي ريت اها ڄاڻ ٿي چڪي آهي ته ڪير انه?? جي ڏک درد ۾ مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ گڏ بيٺل آهي ۽ ڪير سير سپاٽا ڪري رهيو آهي. هن چيو ته هڪ ٻن هفتن کانپوءِ پاڻي لهڻ کانپوءِ اميد آهي ته ماڻهو پنهنجي علائقن ۾ ٻيهر آباد ٿي ويندا، سرندي وارن ۽ امدادي ڪاررواين ۾ مصروف ماڻهن کي خبر آهي ته هن وقت ملڪ جي صورتحال ڪهڙي آهي. هن چيو ته ڪابينا جي ميمبرن پاران ڪوششن تي انهن جا ٿورا مڃان ٿو پر انهن کي گذارش آ??ي ته اهي وڌيڪ پنهنجو حصو وجهن، هي ڪم مشڪل ضرور آهي پر ان جو اجر به ملندو جيڪي ماڻهو ٻوڏ تي سياست ڪري رهيا آهن انهن کان عوام چڱي ريت آگاهه آهي، وقت ايندو ته عوام انهن کان ان جو حساب وٺندي ۽ جيڪو مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ انهن سا?? گڏ بيٺل آهي ان کي شاباس به ڏيندي.
موسمياتي تبديلين جو سبب بڻجندڙ ملڪ پاڪستان سان ٿيندڙ ناانصافي جو ازالو ڪن: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : میگا سینا آن لائن