اسلام آباد – 08 – مئ?? (??ي پي پي) ايٿوپيا جي پرڏيهي معاملن وارو مملڪتي وز??ر مسگانواريگا 9 کان 11 مئ?? تي هڪ وفد جي قيادت ڪندي پاڪستان جو دورو ڪندو. پرڏيهي افيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب وفد ۾ سائنس ۽ واپار وارو مملڪتي وز??ر ۽ ڪاروباري برادري جا ميمبر شامل هوندا. دوري دوران اسلام آباد ۾ ايٿوپيا جي سفارتخاني جو افتتاح ۽ ايٿوپيا جي ايئر لائينز پاران ڪراچي ۽ اديس ابابا جي وچ ۾ سڌوسنئون اڏامن جو افتتاح شامل آهي. ايٿوپيا جي پرڏيهي معاملن وارو وز??ر ۽ پاڪستان جي پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وز??ر حنا رباني کر اسلام آباد ۾ ايٿوپيا جي سفارتخاني جو افتتاح ڪندا. سنڌ جو وڏو وز??ر ۽ ايٿوپيا جي پرڏيهي معاملن وارو مملڪتي وز??ر ايٿوپيا ايئر لائينز جي سڌوسنئون فلائيٽ آپريشن جو افتتاح ڪندا. دوري دوران ڌريون ??ڏيل دلچسپي جي ڪيترن ئي ٻطرفن معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪنديون جنهن ۾ واپار ۽ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۾ تعاون به شامل آهي. اميد آهي ته ايٿوپيا جي وفد جي دوري سان ايٿوپيا ۽ پاڪستان جي وچ ۾ دوستاڻن لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ملندي.
ايٿوپيا جي پرڏيهي معاملن وارو مملڪتي وزير 9 کان 11 مئي تي وفد سان پاڪستان جو دورو ڪندو
مضمون کا ماخذ : لوٹومینیا کے نتیجے میں پچھلے حصے