نيويارڪ – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني لاس اينڊ ڊ??ميج فنڊ کي پاڪستان جهڙن ڪمزور اس??ندڙ ملڪن جي ضرورتن، ترجيحن ۽ حالتن موجب فعال بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ان فنڊ کي موسمياتي تبديلين سان ٿيندڙ نقصانن جي عالمي ردعمل ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن گڏيل قومن جي هيڊڪوارٽر ۾ ”لاس اينڊ ڊ??ميج فنڊنگ جي انتظامن“ جي موضوع تي مشاورتي وزارتي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. پرڏيهي آفيس موجب اجلاس ۾ مصر جي پرڏيهي وزير سامح شڪري ۽ يو اي اي جي صنعت ۽ جديد ٽيڪنالاجي واري وزير ۽ ڪو?? – 28 جي نامزد صدر ڊاڪٽر سلطان احمد الجابر پڻ شريڪ ٿيا. نگران پرڏيهي وزير اجلاس دوران اعلان ڪيو ته پاڪستان ڪامياب ڪو?? – 28 جي لاءِ تعميري انداز ۾ سمورين ڌرين سان گڏجي ڪم جاري رکندو. گذريل سال جي – 77 ۽ چين جي چيئرمين طور پاڪستان ڪو?? – 27 ۾ لاس اينڊ ڊ??ميج فنڊ قائم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو هو. نگران پرڏيهي وزير ڪو?? – 28 ۾ هڪ مضبوط، موثر ۽ وسيلن سان ڀرپور ”لاس اينڊ ڊ??ميج فنڊ“ کي فعال ڪرڻ تي زور ڏنو ۽ نئين ”فنڊنگ انتظامن“ تي ”اعليٰ سطحي مشاورتي ڪائونسل“ قائم ڪرڻ جي تجويز جي حمايت ڪئي. هن چيو ته اڄ جي مشاورت هڪ خوش آئنده موقعو آهي ته ان سان عبوري ڪميٽي جي بحثن ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي تي غور ڪيو وڃي ۽ اهو ڏسڻ جي لاءِ ته هن سال جي آخر ۾ دبئي ۾ ڪو?? – 28 ۾ ڪميٽي جي ڪم جي ٺوس ۽ نتيجاخيز تڪميل کي ڪيئن يقيني بڻايو وڃي. نگران پرڏيهي وزير چيو ته موسمياتي آفتن جي ڪري سڄي دنيا ۾ خاص طور تي پاڪستان جهڙن اس??ندڙ ملڪن ۾ جيڪي موسمياتي تبديلين جي سڀ کان وڌيڪ خطرن جو شڪار آهن اتي لکين ماڻهن کي شديد تڪليفن، مصيبتن ۽ نقصانن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. نگران پرڏيهي وزير چيو ته ڪو?? – 28 مان اميدون تمام واضح آهن ته اها لاس اينڊ ڊ??ميج فنڊ کي ڪامياب بڻائڻ ۾ موثر ڪردار ادا ڪندي. هن چيو ته گذريل سال پاڪستان ڪو?? – 27 ۾ لاس اينڊ ڊ??ميج فنڊ قائم ڪرڻ جي حمايت ۾ مثبت ۽ اهم ڪردار ادا ڪيو. تڏهن کان اس??ن عبوري ڪميٽي جي عمل ۾ تعميري طور تي مصروف عمل آهيون. هن چيو ته اس??ن جي مخلصاڻي اميد ۽ ڪوشش آهي ته ڪو?? – 28 ۾ لاس اينڊ ڊ??ميج فنڊ کي فعال ڪرڻ جي لاءِ ان جي اداراجاتي انتظامن سان گڏوگڏ ”فنڊنگ جي انتظامن“ بابت سمورن باقي مسئلن کي عبوري ڪميٽي جي اندر حل ڪيو ويندو. هن چيو ته سمورن ڪمزور اس??ندڙ ملڪن کي انهن جي ترقي جي سطح ۽ جاگرافيائي گروهه بندي کان هٽي ڪري ان جو اهل هجڻ ضروري آهي. ڪنهن به ڪمزور اس??ندڙ ملڪ کي پٺتي نه ڇڏڻ گهرجي. فنڊ کي ڪنهن مخصوص گروپ يا اس??ندڙ ملڪن جي گروپن تائين محدود ڪرڻ جي ڪا به تجويز واضح طور تي فنڊ قائم ڪرڻ جي پٺيان گڏيل روح، مقصد ۽ ڪوششن جي خلاف هوندي. هن چيو ته اضافي، مناسب، نان ڊيبٽ پيداوار ۽ گرانٽ تي ٻڌل پبلڪ فنانس لاس اينڊ ڊ??ميج فنڊنگ جو بنيادي ذريعو هجڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته يو اين ايف سي سي ۽ پيرس معاهدي سان لاس اينڊ ڊ??ميج فنڊ جي اهليت جي معيار، پروگرامن ۽ پاليسين جي صف بندي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ فنڊ کي ڪنوينشن ۽ پيرس معاهدي جي آپري??نگ اداري طور ڪم ڪرڻ گهرجي. اهڙي طرح فنڊ وٽ هڪ وقف ۽ خودمختيار سيڪريٽريٽ هجڻ گهرجي ته جيئن ان ڳالهه کي يقيني بڻائي سگهجي ته فنڊ جي پاليسين تي عملدرآمد ۽ ڪوپ ۽ سي ايم اي کان رهنمائي جي فراهمي غيرجانبداراڻي طريقي سان ڪئي وڃي. نگران پرڏيهي وزير چيو ته اس??ن ڪو?? – 28 ۾ نئين ”فنڊنگ انتظامن“ تي ”هڪ اعليٰ سطحي مشاورتي ڪائونسل“ قائم ڪرڻ جي تجويز جي پڻ حمايت ڪريون ٿا، جنهن ۾ لاس اينڊ ڊ??ميج فنڊ مرڪزي ڪردار ادا ڪري ٿو. هن چيو ته پاڪستان ڪوپ 28 ۾ لاس اينڊ ڊ??ميج فنڊ جي ڪامياب آپريشنلائيزيشن جي لاءِ تعميري انداز ۾ سمورين ڌرين ۽ عالمي حصيدارن سان گڏجي ڪم جاري رکڻ جو منتظر آهي.
لاس اينڊ ڊيميج فنڊ کي پاڪستان جهڙن ڪمزور اسرندڙ ملڪن جي ضرورتن، ترجيحن ۽ حالتن موجب فعال بڻائڻ جي ضرورت آهي: جليل عباس جيلاني
مضمون کا ماخذ : فائر جوکر