اسلام آباد – 17 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي نومبر ۽ آڪٽوبر ۾ مختلف واقعن ۾ شهيد ٿيندڙ پاڪ فوج جي جوانن جي وارثن سا?? ٽيليفونڪ رابطو ڪيو. هن شهيدن کي ملڪ تي جان نڇاور ڪرڻ تي قوم پاران خراج عقيدت پيش ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب ٽيليفونڪ راب??ي ۾ صدر شهيدن جي گهرڀاتين سا?? ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته قوم جي خاطر پنهنجي پيارن جي قرباني ڏيڻ تي قوم شهيدن جي خاندانن جي ٿورائتي رهندي. صدر 6 نومبر ??ي سندا پل، خيبرپختونخواهه ۾ حملي جي نتيجي ۾ شهيد ٿيندڙ ليفٽيننٽ ڪرنل محمد حسن حيدر جي پونئيرن سا?? ڳالهه ٻولهه ڪئي. صدر عارف علوي نائيڪ خوشدل خان، لانس نائيڪ عبدالقدير خان ۽ رفيق خان جي گهرڀاتين سا?? پڻ رابطو ڪيو. صدر 29 آڪٽوبر ??ي ضلعي آواران، بلوچستان ۾ شهيد ٿيندڙ نائب صوبيدار آصف عمران ۽ سپاهي عرفان علي کي پڻ خراج عقيدت پيش ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي 18 آڪٽوبر ??ي ڏکڻ وزيرستان جي علائقي آسمان منزه ۾ حملي ۾ شهيد ٿيندڙ سپاهي فرمان علي جي وارثن کي پڻ ٽيليفون ڪيو. هن شهيدن جي پونئيرن سا?? همدرديءَ جو ا??هار، شهيدن جي درجن جي بلندي، گهرڀاتين جي لاءِ صبر ??ميل جي دعا ڪئي.
صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاران نومبر ۽ آڪٽوبر ۾ مختلف واقعن ۾ شهيد ٿيندڙ پاڪ فوج جي جوانن جي وارثن سان ٽيليفونڪ رابطو
مضمون کا ماخذ : resultados loteria Bahia