ڊيره اسماعيل خان – 13 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ??يو آهي ته پاڪستان ??هشتگردي جي خلاف جنگ کٽي چڪو آهي، عالم حق، رياست ۽ امن سان گڏ بيٺل آهن، دهشتگرد حملن کي اڳتي وڌي منهن ٽوڙ جواب ڏينداسين، دهشتگرد ڪو به حربو استعمال ڪري وٺن ڪامياب نه ٿيندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڊيره اسماعيل خان ??هشتگرد حملي ۾ زخمي ٿيندڙن جي عيادت کانپوءِ ڳالهائيندي ڪيو. هن ??يو ته ملڪ جي تحفظ جي لاءِ زخمي ٿيندڙ جوانن جا حوصلا بلند آهن، آئون انهن کي حوصلو ڏيڻ جي لاءِ آيو آهيان پر انهن جوانن مون کي حوصلو ڏنو آهي ۽ اهي جوان ??خمي ٿيڻ جي باوجود دشمن جو مقابلو ڪرڻ جو عزم رکن ٿا. هن ??يو ته حملي آورن کي خبردار ڪري رهيو آهيان ??ه اهي جنگ هارائي چڪا آهن، رياست پاڪستان ??ها جنگ کٽي چڪي آهي، هو هارايل جڏهن ته اسان کٽيل جنگ وڙهي رهيا آهيون. هن ??يو ته پنهنجي سرزمين جي حفاظت ڪندڙ شهيد ۽ زخمي الله آڏو سرخرو ٿيندا، هن کٽيل جنگ ۾ جن قربانيون ڏنيون اهي هتي ڪامران ۽ جنت ۾ راحت ۾ هوندا جڏهن ته خوارج دنيا ۽ آخرت ۾ رسوا هوندا، اهي دوزخ جا جا هيـٺئين درجي وارا ماڻهو آهن. نگران وزيراعظم ??يو ته عالم حق، رياست ۽ امن سان گڏ بيٺل آهن، دهشتگرد اسان کي موت کان ڊيڄاري نه ٿا سگهن، دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ هزارين پاڪستانين پنهنجون جانيون قربان ڪيون آهن ۽ اسان وڌيڪ قربانين جي لاءِ پڻ تيار آهيون، دهشتگرد حملن جو اڳتي وڌي منهن ٽوڙ جواب ڏينداسين. هن ??يو ته دهشتگرد ڪو به حربو استعمال ڪري وٺن ڪامياب نه ٿيندا. ان موقعي تي هن دهشتگرد حملي ۾ زخمي ٿيندڙن جي عيادت پڻ ڪئي.
پاڪستان دهشتگردي جي خلاف جنگ کٽي چڪو آهي: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : پاور بال لاٹری