اسلام آباد- 06 فيبروري (اي پي پي) ف??ي اينڊ فيئر اليڪشن نيٽ ورڪ (فافن) عام چونڊ ۾ جنرل سيٽن تي سيا??ي پارٽين جي عورت اميدوارن بابت جائزه رپورٽ جاري ڪري ڇڏ??. فافن طرفان جاري ڪيل رپورٽ مطابق عام چونڊ ۾ جنرل سيٽن تي 111 سيا??ي پارٽين جون 275 عورت اميدوار آهن. عورت اميدوار قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي جنرل سيٽن تي سيا??ي پارٽين جي نامزد 6037 اميدوارن جو 4.6 سيڪڙو آهن. فافن اهو تجزيو قومي ۽ صوبائي اسيمبلين لاءِ چونڊ اميدوارن جي فارم 33 جي بنياد تي ڪيو آهي. ڪل 111 سيا??ي پارٽين مان 30 پارٽين 5 سيڪڙو کان وڌيڪ عورت اميدوار نامزد ڪ??ا. چئن سيا??ي پارٽين 4.5 سان 5 سيڪڙو جي شرح سان عورت اميدوار نامزد ڪ??ا. 77 پارٽين 4.5 سيڪڙو تائين عورت اميدوار نامزد ڪ??ون. قومي اسيمبليءَ جي چونڊ تڪ تي 94 پارٽين جا 1872 اميدوار 4.91 سيڪڙو يعني 92 عورت اميدوار آهن.
مضمون کا ماخذ : ہیوگو 2