اسلام آباد – 22 – مئي (اي پي پي) وز??را??ظم محمد شهباز شريف (سڀاڻي) 23 مئي 2024ع تي گڏيل عرب امارات جو دورو ڪندو. اهو وز??را??ظم جو چونڊجڻ کانپوءِ گڏيل عرب امارات جو پهريون دورو هوندو. وز??را??ظم سان گڏ ڪابينا جي اهم وزيرن تي ٻڌل هڪ اعليٰ سطحي وفد پڻ هوندو. پرڏيهي آفيس موجب ان دوري دوران وز??را??ظم جي گڏيل عرب امارات جي صدر ۽ ابوظهبي جي حڪمران شيخ محمد بن زايد سان ملاقات متوقع آهي. ٻئي اڳواڻ واپار ۽ سي??پڪاري تي خصوصي ڌيان سان گڏ پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندا. وز??را??ظم شهباز شريف جي ٻين اماراتي شخصيتن، ڪاروباري شخصيتن ۽ مالياتي ادارن جي سربراهن سان پڻ ملاقاتن جو امڪان آهي. پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ پراڻا ڀائراڻا لاڳاپا آهن جن جون پاڙون مذهبي ثقافتي وابستگي سان ڳنڍيل آهن. مسلسل اعليٰ سطحي مٽاسٽا ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن جي هڪ وڏي خاصيت آهي. وز??را??ظم جو دورو پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ گهڻ رخي ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ ??رف هڪ ا??م قدم آهي.
وزيراعظم محمد شهباز شريف 23 مئي 2024ع تي گڏيل عرب امارات جو دورو ڪندو
مضمون کا ماخذ : کینڈی کیش