اسلام آباد – 21 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته ا??وسٽائل ويب ايپلي ڪيشن جاري ڪرڻ ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪيو ويو آهي، اپوسٽائل ويب ايپلي ڪيشن سان دستاويزن جي ويري فڪيشن جو ڪم آسان ٿيندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پرڏيهي آفيس ۾ اپوسٽائيل ويب ايپلي ڪيشن جاري ڪرڻ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. نائب وزيراعظم چيو ته ا??وسٽائل ويب ايپلي ڪيشن کي ڪامياب بڻائڻ ۾ ڪيترائي مرحلا طئي ڪيا ويا، اپوسٽائل ويب ايپلي ڪيشن جاري ڪرڻ سان عوام کي ڊگهي قطارن ۾ لڳڻو نه پوندو. هن چيو ته ا??وسٽائل ويب ايپلي ڪيشن جاري ڪرڻ جي لاءِ ڪجهه عرصي کان ڪم جاري هو، نائب وزيراعظم چيو ته ا??وسٽائل ويب ايپلي ڪيشن جاري ڪرڻ خوش آئنده آهي. اپوسٽائل ڪنوينشن جي باقاعده ا??تتاحي تقريب پرڏيهي وزارت اسلام آباد ۾ ٿي. نائب وزيراعظم اپوسٽائل ويب ايپلي ڪيشن جاري ڪرڻ جي افتتاحي تقريب جي صدارت ڪئي جنهن ۾ پرڏيهي وزارت، انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وزارت ۽ نيشنل انفارميشن ٽيڪنالاجي بورڊ جي سينيئر عملدارن شرڪت ڪئي. باقاعده ا??تتاحي تقريب سان گڏ عالمي استعمال جي لاءِ عوامي دستاويز جي تصديق کي هموار ڪيو ويو آهي. ان موقعي تي خطاب ۾ نائب وزيراعظم عوامي سه??لت جي حڪومت جي ترجيح ۽ دستاويزن جي تصديق ۽ قانوني حيثيت کي آسان بڻائي موثر عوامي خدمتن جي ??را??مي ۾ پرڏيهي وزارت جي ڪوششن جو خاڪو پيش ڪيو. هن وزارت جي آفيسرن تي زور ڏنو ته ا??ي موثر عوامي خدمتن جي ??را??مي جي سلسلي ۾ وڌيڪ متحرڪ رهن. اپوسٽائل سرٽيفڪيشن جي باضابطا شروعات سان پرڏيهي وزارت ۽ ڪراچي، لاهور، ??شا??ر، ڪوئيٽا ۽ گجرات ۾ ان جي رابطا آفيسن کي اپوسٽائل تصديق جي لاءِ دستاويز اڳ ۾ ئي اعلان ڪيل پنج ڪوريئر ڪمپنين جي ذريعي ملندا. ڪالهه اربع ڏينهن پرڏيهي وزارت هڪ ”آن لائين اپوسٽائل ايپلي ڪيشن سسٽم“ پڻ متعارف ڪرايو آهي. ان نظام تحت ڪو به ماڻهو پنهنجو پروفائيل ٺاهي ۽ حبيب بئن?? لميٽيڊ پاران متعارف ڪرايل ”آن لائين ادائيگي ايپ“ جي ذريعي سڌوسنئون دستاويز جمع ڪري اپوسٽائل جي لاءِ آن لائين درخواست ڏئي سگهي ٿو.
اپوسٽائل ويب ايپلي ڪيشن جاري ڪرڻ ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪيو ويو آهي: اسحاق ڊار
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ جیتنے کے طریقے