اسلام آباد-03 آڪٽوبر (اي پي پي) سپريم ڪورٽ آئين جي آرٽيڪل 63 اي بابت ڪيس جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو. ڪالهه سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهيءَ ۾ 5 رڪني لارجر بينچ آئين جي آرٽيڪل 63 اي جي تشريح بابت نظرثاني ??پي??ن تي ٻُڌڻي ڪئي. ٻُڌڻيءَ دوران پي ٽي آءِ طرفان بئريسٽر علي ظفر د??يل ڏنا، جڏهن ته بعد ۾ هن بينچ جي جوڙجڪ تي اعتراض واريندي ٻُڌڻيءَ جو حصو بڻجڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، جڏهن ته پ پ طرفان فاروق ايڇ نا??يڪ د??يل ڏنا. چيف جسٽس نظرثاني ??پي?? جو فيصلو ٻُڌائيندي چيو ته سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي نظرثاني ??پي?? گڏيل طور تي منظور ڪئي وڃي ٿي، ڪيس جو تفصيلي فيصلو بعد ۾ جاري ڪيو ويندو. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته آرٽيڪل 63 اي جي تشريح جي ڪيس تي جسٽس ??ظه?? علي عالم جو اختلافي نوٽ 30 جولاءِ تي آيو، جڏهن ته بينچ جي اڪثريت تفصيلي فيصلو 14 آڪٽوبر تي جاري ڪيو، جسٽس ??ظه?? عالم کي پنهنجي ذميدارين جو احساس هو. جسٽس جمال خان مندو خيل ريمارڪس ڏنا ته اڪثريتي فيصلي ۾ چيو ويو ته ووٽ وِ??هڻ ۽ شمار ٿيڻ ۾ فرق آهي، ڇا آئين ۾ ووٽ وِ??هڻ ۽ شمار ٿيڻ جو فرق لکيل آهي؟ ايڊيشنل اٽارني جنرل عدالت کي ٻُڌايو ته آرٽيڪل 63 اي تي فيصلو تڪرارن سان ڀرپور آهي، هڪ طرف چيو ويو ووٽ بنيادي حق آهي، گڏوگڏ ئي بنيادي حق پارٽي جي هدايت تي ختم به ڪري ڇڏيو. پ پ جي وڪيل فاروق ايڇ نا??يڪ جو چوڻ هو ته حسبه بل ڪيس موجب ريفرنس تي راءِ جنهن گُهري ان تي راءِ جي پابندي لازم آهي. چيف جسٽس پُڇاڻو ڪيو ته جيڪڏهن صدرِ مملڪت راءِ تي عمل نه ڪري ته ڇا ان خلاف ڪارروائي ٿي سگهي ٿي؟ جنهن تي فاروق ايڇ نا??يڪ چيو ته عدالت صدرِ مملڪت خلاف ڪارروائي نٿي ڪري سگهي. فاروق ايڇ نا??يڪ انڪاري ميمبر بابت پي ٽي آءِ جي عائشه گلالئي ڪيس جو حوالو ڏنو. وڪيل فاروق ايڇ نا??يڪ چيو ته 63 اي ڪيس ۾ اقليتي ججن جو فيصلو پهرين جاري ٿيو. سپريم ڪورٽ آرٽيڪل 63 اي نظرثاني ڪيس جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏيندي گڏيل طور تي نظرثاني درخواستون منظور ڪري ورتيون.
سپريم ڪورٽ پاران آئين جي آرٽيڪل 63 اي بابت ڪيس جو فيصلو ڪالعدم قرار
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ لائیو