اسلام آباد -14 آڪٽوبر (اي پي پي) چين جي وزيراعظم پاران 11 سالن کان پوءِ شنگهائي سهڪار تنظيم جي موقعي تي پاڪستان جو دورو ٻنه?? ملڪن وچ ۾ مضبوط لاڳاپن جي هڪ اهم علامت آهي، اهو ??ورو پاڪستان ۽ چين جي گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ڏيندو ۽ مختلف شعبن ۾ سهڪار کي وڌائڻ جو موقعو فراهم ڪندو. پلاننگ ڪميشن جي اختيارين مطابق چين جو وزيراعظم 11 سالن کان پوءِ پاڪستان جو دورو ڪندو ۽ پاڪستان چين وچ ۾ گڏيل لاڳاپن تي ڳالهيون ڪندو. ان کان اڳ چين جي وزيراعظم 2013ع ۾ پاڪستان جو دورو ڪيو هو. ان دوري دوران ڪيترن ئي اهم معاملن تي ڳالهيون، اقتصادي سهڪار ۽ ٻنه?? ملڪن وچ ۾ اقتصادي راهداري (سي پي??) تحت جاري منصوبن جو جائزو ورتو ويندو. واپار ۽ سيڙپڪاري وا??ار?? لاڳاپن کي اڃا به اڳتي وڌائڻ ۽ چين طرفان پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا نوان موقعا پيدا ڪرڻ تي ڳالهيون ڪيون وينديون ته جيئن ٻنهي معيشتن کي فائدو پهچي. تعليمي، سائنسي ۽ ثقافتي شعبن ۾ به سهڪار وڌائڻ جا معاهدا پڻ متوقع آهن، جيڪي عوامي سطح تي ٻنه?? ملڪن جي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا. چين جي وزيراعظم جو اهو ??ورو بنه?? ملڪن وچ ۾ پراڻن دوستاڻن لاڳاپن کي هڪ نئين جدت ڏيڻ ۽ ٻنه?? ملڪن وچ ۾ اسٽريٽجڪ شراڪتداري کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جو هڪ اهم موقعو آهي.
ايس سي او جي موقعي تي چين جي وزيراعظم پاران پاڪستان جو دورو ٻنهي ملڪن وچ ۾ مضبوط لاڳاپن جي اهم علامت آهي: پلاننگ ڪميشن
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے بہترین ٹکٹ