اسلام آباد – 11 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اتر وزيرستان ۾ خوارجي دهشتگردن ??ي خلاف ڪامياب ڪاررواين تي سيڪيورٽي فور??ز کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته هر قسم جي دهشتگردي کي پاڙ کان پٽي اڇلائڻ جي لاءِ پرعزم آهيون. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ٻن مختلف آپريشنز دوران 7 خوارجي دهشتگردن کي جهنم واصل ڪرڻ تي سيڪيورٽي فور??ز کي ساراهيو. هن دهشتگردن جو بهادري سان مقابلو ڪندي شهادت ماڻڻ تي لانس نائيڪ محمد امين شهيد کي خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ شهيد لانس نائيڪ محمد امين جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي ۽ سندس گهرڀاتين سان ??عز??ت جو اظهار ڪيو. وزيراعظم چيو ته پوري قوم سيڪيورٽي فور??ز کي سلام پيش ڪري ٿي ۽ انهن سان گڏ بيٺل آهي، هر قسم جي دهشتگردي کي پاڙ کان پٽي اڇلائڻ جي لاءِ پرعزم آهيون.
مضمون کا ماخذ : loterias da caixa