سيالڪوٽ – پهرين مئي (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انص??ف جي حڪومت پنجاب ۾ تمام جلد وڌيڪ اد??را جاتي سڌ??را متعارف ڪرائيندي?? پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي گذريل حڪومت رياستي ادارن کي تباهه ڪري ڇڏيو هو، موجوده حڪومت انهن ادارن کي مضبوط ڪرڻ جي لاءِ ڪم ڪري رهي آهي. ??رب?? ڏينهن هتي ڪوبي چڪ بجوات ڳوٺ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته پنجاب ۾ پي ٽي آءِ جي حڪومت طرفان بلدياتي نظام حڪومت جي حوالي سان قانون سازي صوبي جي عوام جي خواهشن جي عڪاس آهي، صوبائي حڪومت ان طرح جي قانونسازي ڪندي رهندي، هن چيو ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي قيادت پنهنجي ذاتي مفادن جي لاءِ سياست ڪري رهي آهي، (ن) ليگ جي حڪمرانن تخت لاهور تي قبضو ڪري قومي دولت کي ٻنهي هٿن سان ڦريو ۽ قومي ادارن کي به ڪمزور ڪيو.
مضمون کا ماخذ : نتیجہ میگا سینا