اسلام آباد – 21 – جنوري (اي پي پي) موسمياتي تبديلي واري وفاقي وزير زرتاج گل چيو آهي ته گڏيل قومن جي موسمياتي تبديلي بابت فريم ورڪ ڪنوينشن پاڪستان جي گرين ها??وس گئسن جي اخراج بابت ڊيٽا کي سائنسي لحاظ کان ڀارت جي مقابلي ۾ وڌيڪ قابل اعتبار قرار ڏنو آهي، موسمياتي تبديلين جو سبب بڻجندڙ گرين ها??وس گئسن جي اخراج ۾ پاڪستان جو حصو نه هئڻ جي برابر آهي، پر ان کي روڪڻ لاءِ هر ممڪن قدم ک??ي رهيا آهيون. اها ڳالهه هن قومي اسيمبلي جي موسمياتي تبديلين بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ ٻڌائي. اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس قومي اسيمبلي جي ميمبر منزه حسن جي صدارت ۾ ٿيو. زرتاج گل چيو ته پاڪستان پنهنجي محدود وسيلن ۽ گڏيل قومن جي موسمياتي تبديلين بابت فريم ورڪ ڪنوينشن جي مدد کانسواءِ آلودگي جو سبب بڻجندڙ گرين ها??وس گئسن جي اخراج کي روڪڻ جا ٺوس قدم ک??ي رهيو آهي، هن چيو ته پاڪستان 1994ع کان گڏيل قومن جي موسمياتي تبديلين بابت فريم ورڪ ڪنوينشن جو ميمبر آهي، جنهن اسرندڙ ملڪن کي گرين ها??وس گئسن جي اخراج ۾ گهٽتائي آڻڻ جي سلسلي ۾ مالي مدد، ٽ??ڪنالاجي ٽرانسفر ۽ سگهه وڌائڻ ۾ مدد فراهم ڪرڻ جو واعدو ڪيو هو، مملڪتي وزير چيو ته گرين ها??وس گئسن جي اخراج ۾ پاڪستان جو حصو نه هئڻ جي برابر آهي، پر ان جي باوجود موسمياتي تبديلين جي اثرن ۾ گهٽتائي آڻڻ لاءِ هر ممڪن قدم ک??ي رهيا آهيون.
موسمياتي تبديلين جو سبب بڻجندڙ گرين هائوس گئسن جي اخراج ۾ پاڪستان جو حصو نه هئڻ جي برابر آهي: زرتاج گل
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری ویب سائٹ