اسلام آباد – 04 جون (اي پي پي) وزيراعظم پاڪستان جو عوامي شڪايتن جي بهتر حل جو م??ن جاري آهي. پنجاب پوليس جي اعليٰ آ??يسرن جي لا??ِ پاڪستان سٽيزن پورٽل بابت ورڪشاپ منعقد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم آفيس ۾ قائم پي ايم ڊيليوري يونٽ جي عملدارن پاران جاري خط ۾ آءِ جي پنجاب، ايڊيشنل آءِ جيز، ڊي آءِ جيز ۽ ڊي پي اوز کي ذاتي طور تي ٽريننگ ۾ شرڪت ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. ورڪشاپ ۾ سم??رن اعليٰ آ??يسرن کي وڊيو لنڪ ذريعي شڪايتن جي حل تي تفصيلي بريفنگ ڏني ويندي. برينگ وزيراعظم جي آفيس ۾ قائم پي ايم ڊيليوري يونٽ جي عملدارن پاران ڏني ويندي. ورڪشاپ ۾ اعليٰ آ??يسرن جي سدطح تي عوامي شڪايتن جي صحيح ۽ پائيدار حل جي لا??ِ پاليسي سازي تي بريفنگ ڏني ويندي. پنجاب پوليس کانپوءِ باقي صوبن ??ي اعليٰ پوليس آفيسرن کي پڻ سکيا ڏني ويندي. واضح رهي ته آءِ جي پنجاب جي آفيس پاران تفصيلي آڊٽ ٿيڻ کانپوءِ لاڳاپيل آفيسرن جو ورڪشاپ منعقد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. سکيا هن ئي هفتي منعقد ڪئي ويندي.
وزيراعظم پاران پنجاب پوليس جي اعليٰ آفيسرن لاءِ ورڪشاپ منعقد ڪرڻ جو فيصلو
مضمون کا ماخذ : اضافی مرچ