ڪراچي – 28 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اسڪول ۽ ڪاليج جي سطح تي نوجوان نسل ۾ اخلاقيات کي فروغ ڏيڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته ان ڏس ۾ والدين ۽ استادن جو ڪردار اهم آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار سينٽ جوزف ڪانو??ٽ اسڪول ڪراچي جي ??فد سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. وفد جي ??يادت اسڪول جي ??رنسپل سينيئر الزبيٿ نيامت ڪئي. مشنري اسڪولن جي 1862ع کان خدمتن ۽ ڪاميابين کي ساراهيندي صدر چيو ته سينٽ جوزف ڪانو??ٽ اسڪول ڪراچي جي عمارت جنهن کي قومي ورثو قرار ڏنو ويو آهي، کي محفوظ ڪيو ويندو. صدر چيو ته ڪورونا وبا اسان جي ??اءِ هڪ وڏو چئلينج آهي پر ان ڪجهه موقعا به پيدا ڪيا، ڇو ته ان انفارميشن ٽيڪنال??جي ۽ ڪميونيڪشن جي جديد ٽولز کي استعمال ڪ??ڻ تي مجبور ڪيو جنهن سان تعليمي شعبي ۾ آن لائن ڪلاسن جي راهه هموار ٿي. ان موقعي تي خاتون اول بيگم ثمينه عارف علوي ڪاليج انتظاميا تي زور ڏنو ته اهي نوجوان ڇوڪرين ۾ بريسٽ ڪينسر بابت آگاهي پروگرام منعقد ڪن.
اسڪول ۽ ڪاليج جي سطح تي نوجوان نسل ۾ اخلاقيات کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي: صدر
مضمون کا ماخذ : تھنڈرسٹرک II