فيصل آباد – 07 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري ??ملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته حڪومت احساس پروگرام جي لاءِ 250 ارب رپيا رکيا آهن، اعليٰ تعليم جي لاءِ اسڪالرشپس ڏنيون پيون وڃن، ملڪي ترقي جي لاءِ عورتن جو پڙهيل لکيل هجڻ ضروري آهي، چاهيون ٿا ته ??ڙهي لکي عورتون قومي ڌارا ۾ اڳتي اچن. اهڙن خيالن جو اظهار مملڪتي وزير فرخ حبيب رحمت للعالمين ﷺ اسڪالرشپ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته شاگردن ۽ شاگردياڻين کي اعليٰ تعليم جي لاءِ اسڪالرشپس ڏنيون پيون وڃن، اسان چاهيون ٿا ته ??ردن وانگر عورتون پڙهي لکي قومي ڌارا ۾ اڳتي اچن. اطلاعات ۽ نشريات واري ??ملڪتي وزير چيو ته سمورا تعليمي وظيفا ميرٽ تي ڏنا پيا وڃن، اسڪلز فار آل تحت سڄي ملڪ ۾ نوجوانن کي فني تربيت ڏني پئي وڃي. هن چيو ته ??وجوده حڪومت جي دور ۾ آءِ ٽي جي روا??گي واپار ۾ اضافو ٿيو آهي. فرخ حبيب چيو ته ڪامياب جوان پروگرام تحت ڪاروبار جي لاءِ نوجوانن کي قرض ڏنا پيا وڃن ۽ نوجوان بنا گارنٽي جي 10 لک تائين جو قرض حاصل ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته حڪومت ڪامياب جوان پروگرام جي لاءِ 100 ارب رپيا رکيا آهن، ان پروگرام تحت 28000 ماڻهن کي اربين رپين جا قرض جاري ڪيا ويا آهن. هن چيو ته ڪامياب جوان پروگرام تحت نوجوان گهر ويٺي روزگار حاصل ڪري سگهن ٿا. فرخ حبيب چيو ته ??وجوده حڪومت جي دور ۾ آءِ ٽي جو روا??گي واپار 2 ارب ڊالر تائين پهچي ويو، عورتن جو مجموعي ملڪي ترقي ۾ بنيادي ڪردار آهي.
حڪومت احساس پروگرام جي لاءِ 250 ارب رپيا رکيا آهن، اعليٰ تعليم جي لاءِ اسڪالرشپس ڏنيون پيون وڃن: فرخ حبيب
مضمون کا ماخذ : estratégias para loteria