اسلام آباد – 23 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ سعودي عرب گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ لاڳاپن کي نئين بلندين تائين وٺي وڃڻ جي خواهش جو ورجاءُ ڪيو آهي، ڌرين ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ پارلياماني تعاون وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي اهميت تي به زور ڏنو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب صدر ڊاڪٽر عاف علوي سان سعودي عرب شوريٰ ڪائونسل جي وفد جي چيئرمين ڊاڪٽر عبدالله محمد بن شيخ جي قيادت ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ پارلياماني تعاون وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي اهميت تي زور ڏنو ويو، صدر ڊاڪٽر عارف علوي چ??و ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ گهرا تاريخي لاڳاپا آهن، ٻطرفي زبردست تعاون کي ڌرين جي گڏيل فائدي لاءِ وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. صدر مشڪل وقت ۾ سعودي عرب جي تاريخي ۽ مسلسل حمايت ۽ پاڪستان جي مالي مدد کي ساراهيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي سعودي قيادت کي افغانستان ۾ انساني صورتحال تي او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جو 17 هون غير معمول?? اجلاس گهرائڻ جي وقت سر قدمن تي مبا??ڪب??د ڏني، هن او آءِ س?? اجلاس ۾ عالمي برادري متحرڪ ڪرڻ ۽ مالي امداد تي سعودي عرب جي ڪردار جي واکاڻ ڪندي چ??و ته او آءِ سي ملڪن مشڪل وقت ۾ افغانستان جي عوام کي اميد، يڪجهتي ۽ اتحاد جو مضبوط پيغام ڏنو. هن چ??و ته اسلامي ملڪن کي اسلام فوبيا جي چئل??نج کي منهن ڏيڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي. صدر والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي معصوم ماڻهن جي خلاف ڪيل ڀارتي ظلمن کي به اجاگر ڪيو. هن برادري تي زور ڏنو ته هو ڀارت تي انساني حقن جي خلاف ورزيون بند ڪرڻ، سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب خودمختياري وارو حق ڏيارڻ لاءِ دٻاءُ وجهي. ان موقعي تي ڳالهائيندي ڊاڪٽر عبدالله محمد بن شيخ چ??و ته پاڪستان کي پنهنجو ٻيو گهر سمجهون ٿا، ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ عملي قدمن جي ضرورت آهي. هن صدر کي شاهه سلمان بن عبدالعزيز السعود ۽ ولي عهد شهزاد محمد بن سلمان جو مبا??ڪب??د وارو پيغام به پهچايو. هن افغانستان بابت پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 17 هين غير معمول?? اجلاس جي ڪامياب انعقاد تي صدر ڊاڪٽر عارف علوي کي مبا??ڪب??د ڏني.
صدر ڊاڪٽر عاف علوي سان سعودي عرب شوريٰ ڪائونسل جي چيئرمين ڊاڪٽر عبدالله محمد بن شيخ جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : پاور بال کی پیشن گوئی