سکر – 26 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم مح??د شهباز شريف سکر ۾ ٻوڏ متاثرين جي ??اء?? هنيل ڪئمپ جو معائنو ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف سنڌ جي ٻوڏ متاثر علائقن جي هڪ ڏينهن جي دوري تي سکر پهتو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، بجلي وارو وفاقي وزير انجنيئر خرم دستگير به ساڻس گڏ هئا. جڏهن ته پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري، پاڻي وسيلن واري وفاقي وزير سيد خورشيد شاهه ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه بيگم نصرت ڀٽو ايئرپورٽ سکر تي وزيراعظم جي آجيان ڪئي. وزيراعظم کي ٻوڏ متاثرين سارسنڀال جي ??اء?? لڳايل فري ميڊيڪل ڪئمپ جو دورو ڪرايو ويو. سکر جي ضلعي انتظاميا ۽ پي ڊي ايم اي جي نمائندن ٻوڏ سبب ٿيندڙ نقصانن ۽ متاثرين جي بحالي ??اء?? کنيل قدمن بابت بريفنگ ڏني. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته ٻوڏ سبب انفراسٽرڪچر ۽ فصل تباهه ٿي ويا آهن، متاثرين جي ??اء?? 90 عمارتن ۾ عارضي پناهگاهون قائم ڪيون ويون آهن ۽ ميڊيڪل ٽيمون ۽ م??با??يل اسپتالون به ڪم ڪري رهيون آهن. پي ڊي ايم اي ۽ اين ڊي ايم اي متاثرين جي ڪافي مدد ڪئي آهي، ان کانسواءِ پاڪستان آرمي ۽ نيوي ??ه ڀرپور مدد فراهم ڪري رهي آهي. وزيراعظم کي متاثرين جي بحالي ??اء?? کنيل قدمن ۽ ضرورتن بابت پڻ آگاهه ڪيو ويو.
وزيراعظم سکر ۾ ٻوڏ متاثرين جي لاءِ هنيل ڪئمپ جو معائنو، ٻوڏ جي نقصانن، متاثرين جي بحالي جي قدمن تي بريفنگ ڏني وئي
مضمون کا ماخذ : loteria Ceará