اسلام آباد -21 سيپٽمبر (اي پي پي) وفاقي وزير احسن اقبال چي?? آهي ته ٻوڏ سبب وڏي پئماني تي تباهي ٿي آهي، ملڪ جو هڪ ڀاڱي ٽي حصو ٻوڏ ۾ ٻڏل آهي، پرڏيهه ملڪن مان امداد اچي رهي آهي، سڀ پاڪستاني به اڳتي وڌي ٻوڏ متاثرن جي مدد ۾ حصو وٺن. اهڙن خي??لن جو اظهار هن ايڇ اي سي ۾ منعقد پيس جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وفاقي وزير چيو ته اڄ پاڻ ۾ اتحاد جي سخت ضروت آهي، هر شخص جي راءِ مختلف ٿي سگهي ٿي، اسان کي ڪنهن جي نيت يا حب الوطني تي شڪ ??ه ڪرڻ گهرجي، اسان کي هڪ قوم طور گڏجي اڳتي وڌڻ?? آهي، هن چيو ته ايندڙ 10 ڏينهن ۾ ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ماءُ ۽ ٻار لاءِ خوراڪ جا ٻه ملين پيڪيٽ گڏ ڪرڻا آهن، شاگرد به پنهنجو حصو وجهن، هن چيو ته امن ۽ ترقي جو چولي دامن جو ساٿ آهي، ڪنهن به معاشري انتشار سان ترقي ناهي ڪئي.
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی پیشن گوئی