اسلام آباد – 03 – نومبر (اي پي پي) ??طل??عات ۽ نشريات واري ??فاقي وزير مريم اورنگزيب عمران خان جي لانگ مارچ ۾ فائرنگ جي واقعي جي مذمت ڪندي چيو آهي ??ه سياسي ميدان خوني ميدان نه بڻجڻ گهرجن، هي افسوسناڪ واقعو آهي جنهن جي جيتري ??ذمت ڪئي وڃي گهٽ آهي. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته واقعي کي سياسي رنگ ڏيڻ جي ڪوشش نه ڪئي وڃي، پنجاب پوليس، پنجاب جي انتظاميا، پنجاب جا انٽيليجنس ادارا واقعي جي جاچ ڪري حقيقتون عوام آڏو آڻين. هن چيو ??ه سينيٽ جي ??طل??عات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر فيصل جاويد جي فوٽيج ڏٺي، هو زخمي ٿيو آهي، ان جي صحتيابي لاءِ دعاڳو آهيون. هن چيو ته وزيراعظم واقعي جي شروعاتي رپورٽ طلب ڪري ??رتي آهي. هن چيو ته هي واقعو پنجاب حڪومت جي حدن ۾ ٿيو آهي، ان واقعي تي قياس آرائيون نه ٿيڻ گهرجن، هي حساس معاملو آهي، اهڙن واقعن تي قياس آرائين سان وڌيڪ اشتعال پيدا ٿي سگهي ٿو. هن چيو ته ميڊيا کي ذميواري جو مظاهرو ڪندي پنجاب پوليس ۽ پنجاب حڪومت پاران ايندڙ حقيقتن کي نشر ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته گهرو وزير راڻا ثناءُ الله پنجاب حڪومت، آءِ جي پوليس ۽ چيف سيڪريٽري ??نجاب سان رابطي ۾ آهي، جيئن ئي ڪا تصديق ٿيل ??طل??ع ملي ٿي اها ميڊيا سان شيئر ڪئي ويندي. هن چيو ته پنجاب حڪومت جهڙي طرح جو تعاون چاهيندي، وفاقي حڪومت فراهم ڪندي. اسان پنجاب حڪومت جي رپورٽ جو انتظار ڪري رهيا آهيون.
اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب پاران عمران خان جي لانگ مارچ ۾ فائرنگ جي واقعي جي مذمت
مضمون کا ماخذ : سامراا سپلٹ