اسلام آباد – 25 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي گهرواريءَ بيگم ثم??نه عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ٽي بي جي وڌيڪ متاثر ملڪن ۾ پنجين نمبر تي آهي ان لاءِ سمورين ڌرين ۽ حصيدارن جي لاءِ ضروري آهي ته اهي ان بيماري کان بچاءُ جي لاءِ موذي بيمارين تي ضابطو آڻڻ جي حڪمت عملي ۽ طريقيڪار کي بنياد?? صحت جي سارسنڀال جو لازمي عنصر بڻائين. اهڙن خيالن جو اظهار هن ٽي بي بيماري جي شڪار ماڻهن جي حقن ۽ صنفي ايڊووڪيسي سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. سيمينار جو انعقاد ڊوپسي فائونڊيشن ڪيو هو. بيگم ثم??نه علوي چيو ته اهو ڄاڻي انتهائي افسوس ٿيو ته اڃا به هر سال 6 لک ٽي بي جا نوان ڪيسز سامهون اچي رهيا آهن، 48 هزار ماڻهو موت جي منهن ۾ هليا وڃن ٿا جنهن ??و مطلب آهي ته هر هڪ ڏينهن ۾ ا??ان 131 قيمتي جانيون وڃائي رهيا آهن، انهن انگن اکرن جي بنياد تي پاڪستان ٽي بي جي وڌيڪ متاثر ملڪن ۾ پنجين نمبر تي آهي. هن ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته پاڪستان حڪومت ٽي بي جي خلاف جنگ ۾ نتيجاخيز گهٽتائي آڻڻ جي لاءِ پنهنجي مڪمل عزم کي يقيني بڻائيندي. هن چيو ته هو بريسٽ ڪينسر جي حوالي ??ان آگاهي مهم جي قيادت ڪري رهي آهي جنهن کي بدقسمتي ??ان پاڪستان ۾ ڪجهه سال اڳ ممنوع سمجهيو ويندو هو ۽ بريسٽ ڪينسر کان متاثر عورتون اڳتي اچڻ ۾ احساس ڪمتري محسوس ڪنديون هيون يا انهن کي تمام گهڻي دير تائين احساس نه ٿيندو هو ته انهن کي اهو مرض ٿي ويو آهي. هن چيو ته ڊوپسي فائونڊيشن ۽ اسٽاپ ٽي بي پارٽنرشپ متاثر ڪميونٽيز کي بااختيار بڻائڻ ۽ ڳنڍڻ جي لاءِ ون امپيڪٽ موبائيل پليٽ فارم ۾ بريسٽ ڪينسر ماڊيول کي ضم ڪرڻ ۾ تعاون ڪيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته جيتوڻيڪ مسلسل ۽ مستحڪم ڪوششن ??و مقصد ٽي بي تي ضابطو آڻڻ جا هدف حاصل ڪرڻ جي ويجهو پهتو آهي جيڪو انهن سمورن ماڻهن جي لاءِ حوصلي جوڳي علامت هئي جيڪي ٽي بي جي روڪٿام لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن. هن چيو ته ٽي بي هڪ افسوسناڪ حقيقت آهي جيڪا زندگين جي لاءِ خطرناڪ آهي، ٽي بي هڪ قابل علاج بيماري آهي ۽ جيترو جلدي ا??ان ان جو ادراڪ ڪري وٺون ايترو ئي بهتر آهي. ثم??نه علوي چيو ته کير پيئندڙ ٻارڙن ۽ ٻارن جي لاءِ دستياب ويڪسين جي ذريعي ان مرض کان بهترين ممڪن تحفظ فراهم ڪري سگهجي ٿو جڏهن ته ڪجهه حالتن ۾ ان مرض کان بچاءُ جي لاءِ دوائون به استعمال ڪري سگهجن ٿيون. هن وڌيڪ چيو ته ٽي بي لاڳاپن کي نقصان پهچائي سگهي ٿي. هن چيو ته ٽي بي هر ڪنهن کي هڪ جهڙي طور تي متاثر نه ٿي ڪري، اها ا??ان مان ڪجهه کي ٻين جي مقابلي ۾ وڌيڪ خطري ۾ وجهي ٿي. هن چيو ته سر آر جي تشخيص جي ذريعي اهو ثابت ٿيو آهي ته جيڪي سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيا آهن اهي ڪوئلي جي کاڻين، قيدي، کدڙا فقير، ننڍي عمر جون ڇوڪريون ۽ گهڻي ڪمزور آبادي آهي. ثم??نه علوي چيو ته سيمينار ??ان اها خبر پئي ته ڪهڙي طرح ڪميونٽي، هقن ۽ جنس بابت سماجي ۽ ثقافتي رڪاوٽون ٽي بي جي خطري، نمائش ۽ خدمتن تائين پهچ جي صلاحيت تي تمام گهڻو اثرانداز ٿي سگهي ٿي. هن چيو ته تجويز ڪيل اهم قدم 2018ع جي گڏيل قومن جي اعليٰ سطحي اجلاس جي هدفن ۽ 2030ع تائين ٽي بي جيخاتمي جي لاءِ ا??ان جي قومي عزم موجب پاڪستان ۾ موجود سي آر جي بابت رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ ۾ ا??ان جي مدد ڪري سگهن ٿا. صحت واري پارلياماني سيڪريٽري ڊاڪٽر شازيه ثوبيه سلم سومرو چيو ته پاڪستان 2023ع تائين ٽي بي ??ان ٿيندڙ فوتگين ۾ 95 سيڪڙو تائين گهٽتائي آڻڻ جو هدف رکي ٿو، جڏهن ته ان هدف کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ عوام ۽ ڪميونٽي تي ٻڌل موقف کي اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي. ڊائريڪٽر پروگرام ڊوپسي فائونڊيشن ڪنزلايمان ۽ اسٽاپ ٽي بي جي سر آر جي ماهر ڪاويهمي سمٿ ان موقعي تي پنهنجي پريزنتيشنز ۾ سيمينار جي مقصدن، سي آر جي اسسمنٽ جي جائزي ??ان گڏوگڏ جي پي آر ايم ۽ سي آر جي جي مسلسل جائزي جي اهم نتيجن تي روشني وڌي. هن چيو ته پنجاب ۾ 11 هزار کان وڌيڪ ليڊي هيلٿ ورڪرز کي ٽي بي جي سارسنڀال، روڪٿام ۽ معاونت فراهم ڪرڻ جي لاءِ تربيت ڏني وئي آهي. ان موقعي تي ٽي بي جي خيرسگالي سفير جي حيثيت ??ان اسڪرين رائيٽر ۽ اداڪار فيصل قريشي ان ڳالهه تي زور ڏنو ته جيئن ته پاڪستان ٽي بي جي وڌيڪ واقعن وارن ڪجهه ملڪن ۾ شامل آهي ان لاءِ ڪميونيڪشن جي مختلف ذريعن ??ان ان بيماري بابت آگاهي پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي. ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر اسٽاپ ٽي بي پارٽنرشپ ڊاڪٽر لوسيڪا ڊيتيو پنهنجي ورچوئل خطاب ۾ سول سوسائٽي جي تنظيمن ??ان گڏوگڏ سرڪاري ۽ نجي شعبن جي وچ ۾ مضبوط حصيداري جي اهميت کي اجاگر ڪيو.
پاڪستان ٽي بي جي وڌيڪ متاثر ملڪن ۾ پنجين نمبر تي آهي: بيگم ثمينه عارف علوي
مضمون کا ماخذ : پاور بال لاٹری