اسلام آباد– 23 – جنوري (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف ملڪ ۾ بجلي جي بندش ??و سخت نوٽيس وٺندي اعليٰ سطح جي جاچ جو حڪم ۽ وفاقي وزير کان فوري رپورٽ طلب ڪري و??تي آهي. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيرا??ظم محمد شهباز شريف ملڪ ۾ بجلي جي بندش ??و سخت نوٽيس وٺندي اعليٰ سطحي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. جڏهن ته وزيرا??ظم جاچ جي لاءِ اعليٰ سطحي ڪميٽي به جوڙي ڇڏي آهي. وزيرا??ظم توانائي واري وفاقي وزير خرم دستگير خان کان فوري رپورٽ به طلب ڪري و??تي آهي. وزيرا??ظم ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ملڪ ۾ بجلي جي ايڏي وڏو بحران پيدا ٿيڻ جي سببن کان آگاهه ڪيو وڃي ۽ ان جي ذميوارن جو تعين ڪيو وڃي. وزيرا??ظم ملڪ ۾ بجلي جي فوري بحالي جو حڪم ڏيندي چيو ته عوام کي مشڪلاتون ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪنداسين.
مضمون کا ماخذ : میگا فارچیون