اسلام آباد– 31 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل قوم?? جي ماحوليات پروگرام پاران ٿيندڙ ڪم کي ساراهيندي ماحولياتي تبديلين، حياتياتي تنوع جي نقصانن ۽ ماحولياتي نظام ۾ ٿيندڙ تبديلين کي وڌيڪ موثر طريقي سان حل ڪرڻ جي لاءِ ڪوششن کي وڌائڻ تي زور ڏنو آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف سان گڏيل قوم?? جي ماحوليات پروگرام جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر (يو اين اي پي) اينگر اينڊرسن ملاقات ڪئي. اينگر اينڊرسن پاڪستا?? جي سرڪاري دوري تي آهي. وزيراعظم چيو ته ماحولياتي تبديلي اڄ وڏن مسئلن مان هڪ آهي. هن چيو ته پاڪستان ماحولياتي تبديلين کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪن مان هڪ آهي. هن چيو ته پاڪستان ماحولياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ جي حوالي سان ڀرپور قدم کنيا. اينگر اينڊرسن وزيراعظم کي يو اين اي پي پاران پاڪستان ?? کنيل قدمن تي بريفنگ ڏني ۽ يو اين اي پي ۾ پاڪستا?? جي فعال ڪردار کي ساراهيو. وزيراعظم چيو ته يو اين اي پي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ کانپوءِ بحالي جي ڪوششن ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏي.
وزيراعظم پاران گڏيل قومن جي ماحولياتي پروگرام پاران ٿيندڙ ڪم جي ساراهه
مضمون کا ماخذ : پاور بال انعامات