اسلام آباد – 21 – جون (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر چيو آهي ته ڀارتي وزيراعظم جي آمريڪا جي دوري کي اسلام آباد ٻن خودمختيار ملڪن جي لاڳاپن کي سـٺي نظر سان ئي ڏسڻ چاهيندو پر دنيا کي به اهو ڏسڻو پوندو ته اسان جي پاڙيسري جي ڪري تڪرار حل نه ??ر وڌيڪ ٿي رهيا آهن. آمريڪي نشرياتي اداري سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڀارت 2019ع ?? پاڪستان جي خلاف ويڙهاڪ جهازن جي ذريعي جارحيت ڪئي. حنا رباني کر چيو ته ريجنل سيڪيورٽي جي حوالي سان ڀارت پاران جيڪو موقف اختيار ڪيو پيو وڃي دنيا کي ان ڳالهه جو جائزو وٺڻ گهرجي ته خطي تي ان جا ڪهڙا اثر پئجي رهيا آهن. هن چيو ته ان سان خطي ۾ تڪرار حل ٿيڻ بدران تڪرار موجود رهندا جي??و خطي جي لاءِ سٺو نه ??و ٿي سگهي. پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير چيو ته اسان چاهيون ٿا ته ڪا به شيءَ خطي ۽ پاڪستان جي لاءِ غلط نه ??جي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پاڪستان ??ائم ٿيڻ کانپوءِ ڏهاڪن تائين پاڪستان جا اولهه دنيا سان ??يجها رابطا رهيا آهن، آمريڪا ۽ يورپ سان گڏوگڏ پاڪستان جا چين سان به اسٽريٽجڪ لاڳاپا رهيا آهن، اسان ??نهي سان ??اڳاپن کي قائم رکڻ چاهيون ٿا. هن چيو ته اسان کي پناهگيرن جي مسئلن ۽ موسمياتي تبديلي جي مسئلن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي. حنا رباني کر چيو ته يورپي يونين سان رڳو جي ايس پي پلس اسان جي لاڳاپن کي ظاهر نه ??و ڪري، يورپي يونين سان اسان جا سموري?? سطحن تي لاڳاپا وسيع بنياد تي قائم آهن. هن چيو ته يورپي يونين جو به پاڪستان سان ??اپار وڌيو آهي، يورپي يونين جي ڪيترن ئي ملڪن کي هنرمند افرادي قوت جي ضرورت آهي، انهن کي قانوني مائيگريشن جي لاءِ رستن کي کولڻ گهرجي، غيرقانوني مائيگريشن تي پاڪستان کي به اعتراض آهي.
ڀارتي وزيراعظم جو آمريڪا جو دورو سٺي ڳالهه آهي پر دنيا کي ڏسڻ گهرجي ته اسان جي پاڙيسري جي ڪري تڪرار به پيدا ٿي رهيا آهن: حنا رباني کر
مضمون کا ماخذ : estratégias loteria وفاقی