تورغر – 06 –جولاءِ (اي پي پي) و??ير??عظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته جيڪو وقت گذري ويو ان تي ماتم ڪرڻ بدران ملڪ کي ??رق?? جي راهه تي گامزن ڪرڻ جي لاءِ سياسي قيادت ?? ادارن کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، ??رق?? جو جيڪو سفر 2013ع ۾ شروع ٿي 2017ع ۾ ختم ٿي ويو هو، ان کي ٻيهر بحال ڪرڻو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن تورغر – بونير رستي، بونير – ڪراڪڙ رابطا سرنگهه ۽ تورغر بونير آر – سي – سي پل جي پيڙهه جو پٿر رکڻ کانپوءِ قبائلي اڳواڻن کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، و??ير??عظم جو صلاحڪار انجنيئر امير مقام، مسلم ليگ (ن) جو اڳواڻ ڪيپٽن (ر) صفدر کانسواءِ علائقي جي اڳواڻن ۽ صلاحڪارن جو وڏو انگ موجود هو. و??ير??عظم علائقي ۾ دانش اسڪول، ٻن ڪاليج قائم ڪرڻ ۽ ڪالا ڍاڪا ۾ بجلي جي فراهمي جي منصوبن جو اعلان ڪيو. و??ير??عظم تورغر جي عوام جي ابن ڏاڏن جي پاڪستان جي قيام ۽ تربيلا ڊيم جي لاءِ پنهنجي زمينن جي قربانين کي ساراهيندي چيو ته انهن قربانين کي نظرانداز نه ٿو ڪري سگهجي، ملڪ لاءِ قربانيون ڏيندڙن جي اولاد سان مخاطب ٿيڻ تي خوشي آهي. و??ير??عظم چيو ته خيبرپختونخواهه پاڪستان جو خوبصورت صوبو آهي، جنهن کي الله تعاليٰ خوبصورت جبلن، دريائن ۽ وسيلن سان نوازيو آهي ۽ هتان جي عوام محنت ۽ بهادر آهي، جيڪڏهن گذريل دورن ۾ علائقي جي ??رق?? لاءِ ڪم ڪيو وڃي ها ته هي خوبصورت خطو ۽ پاڪستان عالمي دنيا ۾ ??رق?? يافته شمار ٿئي ها پر سواءِ نواز شريف جي سنهري دور يا ٻين مختصر دورن جي انهن بزرگن ۽ شهيدن جي لاءِ ڪجهه نه ڪيو ويو جن پاڪستان جي لاءِ پنهنجي جان ۽ مال جون قربانيون ڏنيون. ان بدران سفارش، پنهنجا نوازي ۽ رشوت جي بازار گرم ٿي وئي. اڄ اسان جي عظيم بزرگن ۽ شهيدن جا روح قبرن ۾ تڙپي رهيا هوندا ڇو ته هي اهو پاڪستان نه آهي جنهن جي لاءِ انهن پنهنجي جان ۽ مال جي قرباني ڏني. و??ير??عظم چيو ته گذريل وقت جو ماتم ڪرڻ بدران مان سبق سکي اڳتي وڌڻو پوندو. مون کي يقين آهي ته پاڪستان تمام جلد ??رق?? يافته ملڪن جي صف ۾ شامل ٿيندو پر شرط اهو آهي ته پوري سياسي قيادت ۽ سمورن ادارن جا سربراهه گڏجي ملڪ جي تقدير بدلائڻ جو پڪو عزم ڪن ته ڪا شيءَ به ملڪ جي ??رق?? ۽ خوشحالي جي راهه ?? رڪاوٽ نه ٿي وجهي سگهي. و??ير??عظم چيو ته جيڪڏهن اسان محنت، امانت ۽ ديانت کي پنهنجو شيوو بڻائي ڇڏيون ته قرض وٺڻ جي ضرورت نه پوندي پر پاڪستان قرض ڏيندڙ ملڪ بڻجي ويندو. هن چيو ته الله تعاليٰ پاڪستان کي قدرتي وسيلن سان مالامال ڪيو آهي. اسان جي عوام هنرمند، محنتي، بهادر ۽ جفاڪش آهي. و??ير??عظم چيو ته اسان هڪ خدا، هڪ نبي ۽ هڪ قرآن کي مڃيندڙ آهيون. پوري ملت اسلاميه ۾ قرآن مجيد جي بي حرمتي تي ڏک ۽ ڪاوڙ جي لهر آهي. سوئيڊن ۾ قرآن پاڪ جي بي حرمتي تي پوري قوم ڏکويل آهي. ان جي خلاف احتجاج ڪرڻ مسلمان امت جو حق اهي. اسان پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس گهرايو آهي ته جيئن دنيا کي ان ڪڌي حرڪت تي پنهنجي جذبن کان آگاهه ڪري سگهجي ۽ اهو پيغام ڏئي سگهجي ته اهڙي حرڪت ڪڏهن به برداشت نه ڪئي ويندي ۽ پوري مُسلمان قوم ان جي خلاف شيهي جي ديوار آهي. و??ير??عظم چيو ته پل نه هجڻ جي ڪري تورغر جي عوام کي اڍائي سئو ڪلوميٽر جو اضافي سفر ڪرڻو پوي ٿو. گذريل سالن ۾ اها پل بڻجي وڃڻ گهرجي ها. هن هدايت ڪئي ته ڏينهن رات محنت ڪم ڪري ٽن سالن بدران هڪ سال ۾ ان پل جي تعمير مڪمل ڪئي وڃي. هن چيو ته منهنجو پنجاب ۾ گهٽ کان گهٽ مدي ۾ ??رق??اتي منصوبا مڪمل ڪرڻ جو رڪارڊ آهي. انشاءَ الله هي پل به هڪ سال ۾ ٺهندي ۽ الله موقعو ڏنو ته ايندڙ چونڊن کانپوءِ مسلم ليگ (ن) جي حڪومت ۾ ئي هن پل جو افتتاح ٿيندو. و??ير??عظم علائقي ۾ دانش اسڪول قائم ڪرڻ جو اعلان پڻ ??يو ۽ چيو ته ان اسڪول جي قيام سان علائقي جي غريب ۽ يتيم ٻارن کي بهترين تعليمي سهولتون ملنديون. و??ير??عظم چيو ته وقت اچي ويو آهي ته اتحاد ۽ اتفاق سان مڪي ??رق?? جي لاءِ محب وطن سياسي قيادت ۽ سمورا ادارا گڏجي ڪم ڪن نه ته ايندڙ نسل معاف نه ڪندي. 2013ع ۾ مسلم ليگ (ن) ??رق?? ۽ تعمير جو جيڪو سفر شروع ڪيو هو اهو 2017ع ۾ ختم ٿي ويو ۽ گذريل حڪومت جي دور ۾ پاڪستان تباهي جي ڪناري تي اچي بيٺو. پاڪستان کي معاشي مشڪل صورتحال مان ڪڍڻ جي لاءِ مجبوري ۾ آءِ ايم ايف پروگرام ورتو ڇو ته اندر ۽ ٻاهر ويٺل دشمن ملڪ جي ڏيوالپڻو ٿيڻ جون بددعائون ڪري رهيا هئا. هن چين، سعودي عرب، يو اي اي، قطر سميت سمورن دوست ملڪن جا ٿورا مڃيا جن مشڪل ترين وقت ۾ پاڪستان جي مدد ڪئي. و??ير??عظم ملڪ جي عسڪري قيادت جي معاونت کي پڻ ساراهيو ۽ چيو ته هڪ جان ۽ ٻه دل ٿي اڳتي وڌنداسين ته ملڪ ??رق?? جي راهه تي گامزن ٿيندو. و??ير??عظم انجنيئر امير مقام (ڪيپٽن (ر) محمد صفدر جي مطالبي تي علائقي ۾ 4 ڪاليجز قائم ڪرڻ ۽ ڪالا ڍاڪا ۾ بجلي جي فراهمي جي منصوبي جي منظوري جو پڻ اعلان ڪيو. ان کان اڳ و??ير??عظم جي صلاحڪار انجنيئر امير مقام ۽ مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ ڪيپٽن محمد صفدر پڻ تقريب کي خطاب ڪيو.
جيڪو وقت گذري ويو ان تي ماتم ڪرڻ بدران ملڪ کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻ جي لاءِ سياسي قيادت ۽ ادارن کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : لاٹری ایپلی کیشنز کے فوائد