استنبول – 15 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي گهرواريءَ خاتو?? اول بيگم سعديه رحمت الله غزه ۾ گهيريل فلسطيني عورتن ۽ ٻارن سميت شهرين جي خلاف اسرائيل جي وحشياڻي طاقت جي استعمال جي مذمت ڪندي زور ڏنو آهي ته عالمي برا??ري کي اسرائيلي جارحيت جي فوري خاتمي ۽ غزه جو گهيراءُ ختم ڪرائڻ ??ي لاءِ پنهنجو ڪردار اد?? ڪرڻ جي ضرورت آهي. استنبول ۾ پاڪستاني سفارتخاني پاران جاري پڌرائي موجب ترڪي?? جي خاتو?? اول ايمن اردوان جي دعوت تي خاتو?? اول بيگم سعديه رحمت الله فلسطين جي عوام سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ هتي منعقد يونائيٽيڊ فار پيس سمٽ ۾ شرڪت ڪئي. بيگم سعديه رحمت الله پنهنجي خطاب ۾ فلسطيني ڀائرن ۽ ڀينرن سان پاڪستان جي مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪيو ۽ غزه ۾ هن وقت محصور عورتن ۽ ٻارن سميت شهرين جي خلاف اسرائيل جي وحشياڻي ۽ انڌاڌنڌ طاقت جي استعمال جي مذمت ڪئي. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته اسرائيل پاران غيرانساني ڏاڍ ۽ ظلم هڪ جنگي ڏوهه آهي ۽ عالمي برا??ري کي اسرائيلي جارحيت جي فوري خاتمي ۽ غزه جو گهيراءُ ختم ڪرائڻ ??ي لاءِ پنهنجو ڪردار اد?? ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن جنگ بندي ۽ انساني امداد جي فراهمي ??ي لاءِ پاڪستان جي ترجيحن تي زور ڏنو ت?? جيئن غز?? جي ماڻهن تائين خوراڪ ۽ دوائون بنا ڪنهن دير جي پهچي سگهن. هن فلسطين مسئلي جي عالمي قانون، او آءِ سي ۽ گڏيل قومن ??ي لاڳاپيل قراردادن موجب منصفاڻي، ٺوس ۽ پائيدار حل تي زور ڏنو. هن تازو ئي منعقد ٿيندڙ گڏيل عرب اسلامي سربراهي غيرمعمولي اجلاس ۾ منظور ڪيل قرارداد جي حمايت جو ورجاءُ ڪيو. غز?? جي ماڻهن کي انساني امداد جي فراهمي ۾ سهولت فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪندي هن چيو ته پاڪستان فلسطينين ??ي لاءِ امدادي کيپ موڪلي آهي ۽ غز?? جي لاءِ هڪ بنا روڪ ٽوڪ ۽ غيرمشروط انساني لنگهه قائم ڪرڻ ??ي لاءِ وڌيڪ امداد موڪلڻ جو ارادو رکي ٿو. بيگم سعديه رحمت الله ترڪ خاتو?? اول ايمن اردوان جو غزه سميت والاريل فلسطيني علائقن جي خراب صورتحال تي ڳالهه ٻوله?? جي لاءِ اجلاس منعقد ڪرڻ تي ٿورا مڃيا.
عالمي برادري کي اسرائيلي جارحيت جي فوري خاتمي ۽ غزه جو گهيراءُ ختم ڪرائڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت آهي: خاتون اول بيگم سعديه رحمت الله
مضمون کا ماخذ : کنگ میکر