اسلام آباد- 14 فيبروري (اي پي پي) تعليم ۽ پيشوراڻي تربيت واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي جي صدارت هيٺ تعليم واري وفاقي وزارت ۾ اهم اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ ڊي جي ايف ڊي اي ۽ ايڇ اي سي جي سينيئر نمائندن کان علاوه تعليم واري وزارت جي سينيئر عملدارن به شرڪت ڪئي. وفاقي وزير کي ايڇ اي سي پرائيويٽ ميمبر بل ”دي سمارٽ ا??سٽ??ٽي??ٽ آف سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي (ترميمي) بل 2023ع“ جي باري ۾ بريفنگ ڏني. کيس ٻُڌايو ويو ??ه ايڇ اي سي يونيورسٽي استادن لاءِ سروس اسٽرڪچر ۽ پروموشن پاليسي تيار ڪري رهيو ??هي. ڊي جي ايف ڊي اي وفاقي وزير کي ايف ڊي اي جي استادن جي تربيت جي حوال?? سان به بريفنگ ڏني. مدد علي سنڌي کي ??ن وقت اسلام آباد ۾ ڪيمبرج سسٽن تحت اي ۽ او ليول ۾ تعليم هيٺ شاگردن جي انگ جي باري ۾ ٻُڌايو ويو. وفاقي وزير کي ??ُڌايو ويو ??ه اسلام آباد ان جو انگ تقريبن 6 هزار آهي. مدد علي سنڌي ايڇ اي سي ۽ ايف ڊي اي کي ??اليسي جي جوڙجڪ ۽ اهڙيءَ طرح جي منصوبن تي عملدرآمد کي تيز ڪرڻ جو حڪم ڏنو.
تعليم واري وفاقي وزير مدد علي سنڌي جي صدارت هيٺ اهم اجلاس
مضمون کا ماخذ : ٹکٹ خریدنے کے حوالے سے الفاظ