لاهور – 20 – مئي (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته نوجوان اسان جو مستقبل آهن، حڪومت جو پورو ڌيان پاڪ??تا??ي شاگردن تي آهي، بشڪيڪ مان واپس ايندڙ شاگردن جي سهولت لاءِ هر ممڪن قدم کڻنداسين، الله جو شڪر آهي ته بشڪيڪ واقعي ۾ ڪو پاڪ??تا??ي شاگرد فوت نه ٿيو. اها ڳالهه هن علامه اقبال انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي بشڪيڪ مان خصوصي اڏام ذريعي پاڪ??تا?? ايندڙ 170 پاڪ??تا??ي شاگردن جي استقبال جي موقعي صحافين سا?? ڳاهلائيندي چئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ڪرغز??تا?? جي مقامي ايئرلائين ايرو نوميڊ جي چوٿين اڏام اڄ پاڪ??تا?? پهتي آهي جنهن ۾ 170 پاڪ??تا??ي شاگرد وطن واپس آيا. مجموعي طور تي 540 شاگرد پاڪ??تا?? واپس پهچي چڪا آهن. هن چيو ته بشڪيڪ ۾ صورتحال ڳڻتي جوڳي رهي، اسان جي شاگردن ۾ خوف ۽ هراس ڦهليل رهيو، وزيراعظم هر لمحو پاڪ??تا??ي سفير سان رابطي ۾ رهيو، هن شاگردن جي پريشاني تي فوري ايڪشن ورتو. هن چيو ته پاڪ??تا??ي شاگردن جي سهولت لاءِ حڪومت هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي. وفاقي وزير چيو ته شاگردن جي تحفظ ۽ انهن جي تعليم جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻنداسين، حڪومت جو پورو ڌيان پاڪ??تا??ي شاگردن تي آهي، اسان جي ڪوشش هوندي ته شاگردن کي حالتون بهتر ٿيڻ تي واپس موڪليو وڃي ته جيئن اهي پنهنجون ڊگريون مڪمل ڪري سگهن. وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم جي خصوصي هدايت تي پاڪ??تا?? واپس ايندڙ شاگردن جي استقبال لاءِ وزير ايئرپورٽس تي موجود آهن ته جيئن شاگردن کي ا??و احساس نه ٿئي ته اهي اڪيلا آهن. هن چيو ته وزيراعظم جو ويزن آهي ته شاگرد اسان جو مستقبل آهن، انهن کي ڪا مشڪل نه ٿئي، حڪومت انهن جا معاملا پاڻ ڏسي رهي آهي، اسان جي اولين ڪوشش هوندي ته پاڪ??تا??ي شاگردن جا مسئلا حل ڪيا وڃن. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته الله جو شڪر آهي ته پاڪ??تا?? جي حوالي سان ڪو جاني نقصان ناهي ٿيو، اسان کي ان واقعي تي ذم??وا??ي جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي. هن ٻڌايو ته هڪ اسپيشل فلائيٽ زخمي شاگردن کي کڻي پاڪ??تا?? اچي رهي آهي، ان کان اڳ اطلاعات واري وفاقي وزير ايئرپورٽ تي پاڪ??تا?? پهچندڙ شاگردن جو استقبال ڪيو ۽ انهن کي گل پيش ڪيا. ان موقعي تي شاگردن ۽ انهن جي خاندانن سا?? ڳالهه ٻولهه ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير يقين ڏياريو ته شاگردن جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا ويندا.
نوجوان اسان جو مستقبل آهن، حڪومت جو پورو ڌيان پاڪستاني شاگردن تي آهي: عطاءُ الله تارڙ
مضمون کا ماخذ : جوگوس ڈی لوٹیریا آن لائن