اسلام آباد – 30 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اسرائي?? جي ظلم ۽ ڏاڍ سان هيستائين 36 هزار فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن، اسرائيلي بدترين وحشياڻي ظلم جي جيتري مذمت ڪئي وڃي گهٽ آهي، عالمي برادري کي فلسطينين ۽ ڪشميرين کي انهن جي خودمختياري جو حق ڏيارڻ جي ??اءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن غزه ۽ رفح ۾ فلسطينين تي اسرائيلي ظلمن ۽ ڏاڍ جي حوالي سان خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته گذريل 8 مهينن کان اسرائيلي حڪومت غزه ۾ ڏاڍ ۽ بدترين وحشياڻو ظلم ڪري رهي آهي، ان جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي گهٽ آهي. هن چيو ته هيستائين اٽڪل 36 هزار فلسطيني مسلمان شهيد ٿي چڪا آهن جن ۾ هزارين ٻار ۽ ٻارڙيون شامل آهن، مائرن جا لخت جگر کسجي ??يا، نوجوانن ۽ والدين کي شهيد ڪيو ويو، 8 مهينن کانپوءِ به اڄ اسرائي?? جي رت جي اُڃ ختم ناهي ٿي، غزه سان گڏ رفح ۾ حملا شروع ٿي چڪا آهن، ٻارن سم??ت بزرگن، مائرن ۽ ڀينرن کي ڏينهن رات شهيد ڪيو پيو وڃي ۽ هزارين گهر مسمات ڪيا ويا آهن. هن چيو ته ستم ظريفي اها ??هي ته انصاف جي عالمي عدالت جي ??يصلي ۽ گڏيل قومن جي ??راردادن کي پائمال ڪيو پيو وڃي، دنيا جي ڪا طاقت اسرائيل کي ان جي ظلمن کان نٿي روڪي سگهي، اتي جيڪا رت جي راند کيڏي پئي وڃي اهو سڀ ڪجهه اڄ تائين نه ڏٺو هو، اسلامي دنيا اسرائي?? جي ظلم ۽ ڏاڍ تي او آءِ سي ۾ ڀرپور آواز اٿاري رهي آهي، ان حوالي سان سعودي عرب جي ??لي عهد شهزاده محمد بن سلمان ڀرپور آواز اٿاري رهيو آهي، گڏيل عرب امارات، قطر ۽ ٻيا ملڪ به پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، اسپين، ناروي، آئرلينڊ سم??ت يورپي ملڪن جا ٿوراتا آهيون جن ان ظلم ۽ ڏاڍ جي خلاف فلسطين جي آزاد حڪومت قائم ڪرڻ جي ڀرپور تائيدڪ ئي آهي جيڪو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ??راردادن موجب آهي، مون ناروي ۽ آئرلينڊ جي ??زيراعظم کي پاڻ ٽيليفون ڪري مبارڪباد ڏني ۽ پنهنجي حڪومت ۽ 25 ڪروڙ پاڪستانين پاران ٿورا ادا ڪيا ڇو ته اهي فلسيني عوام جي ??اءِ اٿي بيٺا آهن ۽ فلسطين جي آزاد رياست قائم ڪرڻ جي ??اءِ ڀرپور آواز اٿاريو، مون کي يقين آهي ته ان سان ٻين ملڪن کي حوصلو ملندو ۽ اهي ان ٽن يورپي ملڪن وانگر آواز سان گڏ پنهنجو آواز ملائيندي هڪ آزاد فلسطيني رياست قائم ڪرڻ جي ??اءِ آواز اٿاريندا ۽ ڪوششون ڪندا، دعا آهي ته غزه ۾ جيڪي ظلم جا جبل ڪيرايا پيا وڃن انهن جو جلد خاتمو ٿئي ۽ فلسطيني عوام جنهن مشڪل ۾ زندگي گذاري رهي آهي انهن جي جلد کان جلد گهرن ۾ آباد ٿيڻ جي ??اءِ دعاڳو آهيون ۽ رياست فلسطين جو جلد کان جلد و??ود عمل ۾ اچي. هن چيو ته ڪشميري عوام جي ??اءِ ڀرپور آواز اٿاريندو رهندس، عوام جي سوچ جي عڪاسي ڪندي مطالبو ڪريان ٿو ته انهن ٻنهي مظلوم قومن کي انهن جو حق ڏيارڻ جي ??اءِ عالمي طاقتون پنهنجو ڪردا ادا ڪن.
اسرائيل جي ظلم ۽ ڏاڍ سان هيستائين 36 هزار فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن، اسرائيلي بدترين وحشياڻي ظلم جي جيتري مذمت ڪئي وڃي گهٽ آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : ماہی گیری کا جنون