آستانه – 04 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهب??ز شريف سميت شنگهائي تعاون تن??يم جي ميمبر ملڪن جي سربراهن تن??يم جي سربراهي اجلاس جي پڄاڻي تي پڌرنامي/ آئوٽ ڪم ڊاڪيومينٽ تي صحيحون ڪيون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موج?? شنگهائي تعاون تن??يم سربراهي اجلاس جي موقعي تي وزيراعظم عالمي اڳواڻن سان ملاقاتون ڪيون. وزيراعظم گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس سان ملاقات ڪئي ۽ ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان، آذربائيجان جي صدر الهام عليوف، تاجڪستان جي صدر امام علي رحمان، ڪرغزستان جي صدر سدير جاپروف ۽ بيلاروس جي صدر اليگزينڊر لوڪا شنڪو سان ٻطرفن لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.
مضمون کا ماخذ : را کی کتاب