اسلام آباد – 10 – آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ سعودي عرب معيشت، زراعت، کاڻين جي کوٽائي ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي ??هڙن اهم شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي ??زم جو ورجاءُ ڪندي خطي ۽ اسلامي دنيا جي لاءِ هڪ خوشحال ۽ پرامن مستقبل جي ??عمير جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ??رورت تي زور ڏنو آهي. ان ڳالهه جو اظهار ايوان صدر ۾ صدر آصف علي زرداري ۽ سعودي سيڙپڪاري وارو وزير خالد بن عبدالعزيز الفالح جي قيادت ۾ پاڪستان جي ??وري تي آيل سعودي عرب جي وفد جي وچ ۾ ملاقات دوران ڪيو ويو. صدر وفد جي ??جيان ڪندي پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ پراڻي ۽ هر آزمائش ۾ پوري لهندڙ دوستي جو ذڪر ??يو. هن دوستاڻي لاڳاپن کي ڊگهي مدي واري اسٽريٽجڪ ۽ اقتصادي حصيداري ۾ تبديل ڪرڻ جي پاڪستان جي ??واهش جو اظهار ڪيو ۽ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته اهڙي طرح جو تعاون ٻنهي ڀائر ملڪن کي وڌيڪ ويجهو آڻيندو. صدر خادم الحرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز آل سعود جي لاءِ پاڪستان جي گهري احترام ۽ سعودي عرب سان يڪ??هت?? جي لاءِ پاڪستان جي ??ڻٿڪ عزم جو ورجاءُ ??يو. صدر ولي عهد ۽ سعودي عرب جي وزيراعظم محمد بن سلمان آل سعود جي ??ورانديش قيادت کي پڻ ساراهيو. هن ويزن 2030ع تحت سعودي عرب پاران ڪئي ويندڙ ذڪر جوڳي اڳڀرائي کي ساراهيو ۽ مشڪل وقت ۾ سعودي عرب پاران پاڪستان سان مسلسل تعاون تي ٿورا مڃيا. صدر چيو ته سعودي عرب جي ??رقي ۽ خوشحالي جو مشاهدو ڪري کيس خوشي ٿي ??هي آهي. ان موقعي تي سعودي سيڙپڪاري واري وفاقي وزير خالد بن عبدالعزيز الفالح چيو ته سعودي عرب ۽ پاڪستان جي ??سٽريٽجڪ جاگرافيائي اهميت، قدرتي وسيلن ۽ قابل تجديد توانائي جي ??لاحيت کي تسليم ڪري ٿو. هن چيو ته سعودي عرب پاڪستان جي ??نفراسٽرڪچر ۽ کاڻين جي کوٽائي جي ??عبي ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ جو منصوبو ٺاهيو آهي ۽ ان سلسلي ۾ سندن وفد مختلف شعبن ۾ 25 معاهدن تي صحيحون ڪندو، جنهن سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي تعاون کي فروغ ملندو. هن اميد ظاهر ڪئي ته معاهدي تي صحيحن سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي تعاون جي نئين دور جي ??روعات ٿيندي. ڌرين زراعت ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي ??ي شعبي ۾ تعاون وڌائڻ تي زور ڏنو. ان موقعي تي پيٽروليم وارو وفاقي وزير سينيٽر مصدق مسعود ملڪ، واپار وارو وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، نجڪاري وارو وفاقي وزير عبدالعليم خان، وفاقي گهرو وزير سينيٽر سيد محسن رضا نقوي، مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي وارو وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين، سينيٽر سليم مانڊوي والا کانسواءِ سعودي سفير نواف بن سعيد المالڪي پڻ موجود هو.
صدر پاران خطي ۽ اسلامي دنيا جي لاءِ هڪ خوشحال ۽ پرامن مستقبل جي تعمير جي لاءِ پاڪستان ۽ سعودي عرب جي گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور
مضمون کا ماخذ : سمندری ڈاکو گولڈ