واشنگٽن -04 سيپٽمبر (اي پي پي) آمريڪا ۾ پاڪستان جي نئين مقرر سفير رضوان سعيد شيخ آمريڪي ڪانگريس ۾ پاڪستان ڪاڪس جي ميمبر ٽام سوزي سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي جنهن دوران ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٻه طرفي سهڪار کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پاڪست??ني سفارتخ??ني پاران ج??ري ڪيل پڌرائي موجب ڪانگريس ميمبر ٽام سوزي پاڪست??ني سفير کي آمريڪا ۾ ذميواريون سنڀالڻ تي مبار??ون ڏنيون. پاڪست??ني سفير ٻنهي ملڪن ۽ خطي لاءِ پاڪ – امريڪا لاڳاپن جي اهميت تي زور ڀريو. پاڪست??ني سفير ٻه طرفي شراڪتداري تي ڳالهائيندي چيو ته اسان اقتصادي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ خيرسگالي ۽ دوستي جي ان ج??بي کي مڪمل طور تي استعمال ڪرڻ لاءِ پرعزم آهيون. هن يوم آزادي جي موقعي تي ڪانگريس ميمبر ٽام سوزي جي خيرسگالي ۽ سندس مقرري واري پيغام تي شڪريو ادا ڪيو. ڪانگريس ميمبر ٽام سوزي ٻه طرفن لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۽ ملڪ لاءِ سندس خدمتن تي پاڪست??ني برادري جي تعريف ڪئي. ڳالهين دوران ٻنهي اڳواڻن پاڪ آمريڪا لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ، عوامي لاڳاپن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ ۽ آمريڪي ڪانگريس ۾ پاڪست??ني ڪاڪس کي متحرڪ ۽ مضبوط بڻائڻ لاءِ پنهنجي عزم جو اظهار ڪيو.
آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير رضوان سعيد شيخ جون ڪانگريس ۾ پاڪستان ڪاڪس جي ميمبر ٽام سوزي سان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه
مضمون کا ماخذ : لاٹری آن لائن