رياض – 27 نومبر (اي پي پي )سعودي ڪابينه نئين بجيٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، پرڏيهي ميڊيا مطابق سعودي عرب جي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان گذريل ڏينهن رياض ۾ نئين ما??ي سال 2025ع جي بجيٽ جي منظوري لاءِ ڪابينه جي خصوصي اجلاس جي صدارت ڪئي. ڪابينه نئين ما??ي سال لاءِ بجيٽ جو جائزو ورتو ?? ان جي منظوري ڏني. نئين بجيٽ ۾ آمدني جو ڪاٿو 1.18 کرب ريال لڳايو ويو جڏهن ته خرچ 1.28 کرب ريال هوندو جنهن تحت بجيٽ خسارو 101 ارب ريال لڳايو ويو آهي. سعودي ولي عهد وزيرن ۽ عهديدارن کي هدايت ڪئي ته هو پنهنجين صلاحيتن مطابق مُلڪ جي ويزن 2030ع جي سفر ۾ بجيٽ ۾ شامل ترقياتي ۽سماجي پروگرام حڪمت عملي ۽ منصوبن تي عملدرآمد جو عهد ڪن. هن چيو ته اسان اقتصادي بنياد تي سگهارو بڻائڻ ۽ مملڪت جي ما??ي حيثيت جي طاقت کي وڌائڻ لاءِ ڪم ڪندا رهنداسين. هن معاشي استحڪام جي مدد ۽ جامع ترقي حاصل ڪرڻ ۾ سيڙپڪاري فنڊ، نيشنل ڊولپمينٽ فنڊ ۽ ٻين ترقياتي فنڊز جي اهم ڪردار تي زور ڀريو. اهي انگ اکر سيپٽمبر ۾ ناڻي واري وزارت جي پري بجيٽ بيان مطابق آهن. جنهن ۾ ما??ي سال 2024ع جي ڪاٿي جي ڀيٽ ۾ آمدني ۽ خرچ ۾ چار سيڪڙو ۽ خساري ۾ 12 سيڪڙو گهٽتائي ڪئي وئي آهي. سعودي عرب جو مجموعي قرض 2025ع ۾ 1.3 کرب ريال تائين پهچڻ جو امڪ??ن آهي جيڪو جي ڊي پي جو 29.9 سيڪڙو جي برابر آهي. نئين بجيٽ ۾ اهم منصوبن ۽ شعبن تي خرچ کي تيز ڪندي شهرين ۽ رهائشين لاءِ ضروري خدمتن کي برقرار رکڻ کي ترجيع ڏني ويندي.
سعودي ڪابينه نئين بجيٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي، 101 ارب ريالن جو بجيٽ خسارو ظاهر
مضمون کا ماخذ : بفیلو بلٹز