اسلام آباد – 16 جولاءِ (اي پي پي) افغانستان جي صدر اشرف ??ني ڪالهه ڇ??ڇر ڏينهن وزيراعظم نواز شريف کي ٽيليفون ڪئي ۽ کيس ٻڌايو ته اتحادي فورسز ڪجهه ڏينهن اي پي ايس حملي جي ماسٽر مائنڊ عمر خراساني کي ساٿين سميت منطقي انجام تائين پهچائي ڇڏيو آهي. اي پي ايس جو قتلام پاڪستان ۽ دنيا جي لاءِ تمام وڏو سانحو هو. افغان صدر وزيراعظم نواز شريف جي صحت پڻ معلوم ڪئي. وزيراعظم هائوس پاران جاري هڪ بيان موجب افغانستان جي صدر اشرف ??ني وزيراعظم نواز شريف کي ٽيليفون ڪئي ۽ کيس ٻڌايو ته اتحادي فورسز ڪجهه ڏينهن ا?? اي پي ايس جي ماسٽر مائنڊ عمر خراساني ??ي چئن ساٿين سميت ماري ڇڏيو آهي. افغان صدر چيو ته اي پي ايس جو قتلام تمام وڏو سانحو هو ۽ ذميوارن کي منطقي انجام تائين پهچايو ويو آهي.
مضمون کا ماخذ : ڈریگن اسپن